ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ سنڌ رينجرز ۽ پوليس ڳجهي گڏيل ڪارروائي ڪندي اهم دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو، عزيز آباد مان ٽارگيٽ ڪلنگ، اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڦر جي وارداتن ۾ ملوث فيضان عرف بهوري گروپ جي جوابدار زوهان عرف سانول کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس ۽ رينجرز طرفان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار مختلف علائقن طارق روڊ، شاهراهه فيصل، منظور ڪالوني، جمشيد روڊ، سنڌي مسلم سوسائٽي، نيو ڪراچي، گلشن اقبال، اورنگي ٽائون سميت مختلف علائقن ۾ ڦر، اسٽريٽ ڪرائم، ڦر ۽ موٽرسائيڪلن جي وارداتن ۾ ملوث آهي. جاچ دوران جوابدار 10 ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو آهي، جوابدار ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿي جيل وڃي چڪو آهي.