ڪراچي ( م ڊ ) گولڊمين گروپ خبردار ڪيو آهي ته سيپٽمبر ۾ پرڏيهي ڪرنسي جي ذخيرا اندوزي ۽ اسمگلنگ خلاف حڪومتي ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ رپئي جي قدر عارضي ٿي سگهي ٿي. جنهن جو سبب ملڪ جا مالياتي خطرا آهن. بلومبرگ جي هڪ رپورٽ ۾ گولڊمين جي هڪ تجزيه نگار جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته رپئي جي ملهه ۾ تازي واڌ عارضي هوندي، جنهن جو سبب گهڻي وياج جي شرح، صرف ٻه طرفي فنانسنگ ۽ آءِ ايم ايف سان مختصر مدي وارو انتظام آهي.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان خميس تي ٻڌايو ته 20 آڪٽوبر تي ختم ٿيل هفتي دوران مٽا سٽا جا ذخيرا 22 ڪروڙ ڊالرن جي گهٽتائي سان 7 ارب 49 ڪروڙ ڊالر رهجي ويا آهن، آءِ ايم ايف ۽ دوست ملڪن جي مالي مدد کانپوءِ ذخيرن ۾ مرڪزي بئنڪ جا ذخيرا 8 ارب 73 ڪروڙ ڊالر ٿي ويا هئا. سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر دوران رپئي جي قدر ۾ گهڻي واڌ ڏٺي وئي، ۽ ان کي دنيا جي بهترين ڪرنسي مان هڪ قرار ڏنو ويو. ڪرنسي جا ماهر خبردار ڪندا رهيا آهن ته رپئي جي قدر ۾ واڌ جا بنياد ڪمزور آهن ۽ اهو رجحان تبديل ٿي سگهي ٿو.5 سيپٽمبر تي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني ڪرنسي تاريخ جي گهٽ ترين سطح 307 رپيا 10 پئسا تي اچي وئي هئي. 6 سيپٽمبر کان 16 آڪٽوبر تائين ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ روزاني اضافو ڏٺو ويو، مجموعي طور تي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني ڪرنسي جي قدر 10.9 سيڪڙو واڌ سان 277 رپيا 3 پيسا تائين پهچي وئي.جڏهن ته مرڪزي بئنڪ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن کي بهتر نه ڪري سگهي ۽ آءِ ايم ايف سان مختصر مدي واري قرض معاهدي تحت صدر صرف سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن کان رقم وصول ٿي. مرڪزي بئنڪ بئنڪنگ مارڪيٽ مان ڊالر خريد ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو، پر قرضن ۽ وياج جي ادائيگين جي ڪري واپسي وڌيڪ رهي. ملڪ گذريل 18 مهينن کان سياسي ۽ معاشي غير يقيني واري صورتحال جو شڪار آهي جڏهن ته ايندڙ سال عام چونڊون ٿيڻ جا امڪان آهن، اهڙي طرح ادارن جي وڪري مان وڏي پرڏيهي سيڙپڪاري جا امڪان به محدود آهن. ملڪ وچ اوڀر جي سيڙپڪارن کي ڪجهه منافعي وارا قيمتي يونٽ وڪڻڻ جو ارادو رکي ٿو، پر غزا ۾ اسرائيل جي جارحيت سبب خطي ۾ پيدا ٿيندڙ بحران انهن منصوبن ۾ دير ڪئي آهي. ڪرنسي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته برآمدات ۾ واڌ جا ظاهري امڪان به نه آهن، جنهن جا سبب وڌيڪ وياج جي شرح ۽ مهانگائي آهي.