اسرائيلي بربريت، غزا تي حملا جاري، وڌيڪ 400 فلسطيني شهيد، ڪيترائي گم

غزا (م ڊ ) غزا ۾ اسرائيلي بربريت جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، يهودي فوج جي حملن ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 7 هزار 326 ٿي ويو آهي. غزا تي اسرائيلي  فوج جي مسلسل بمباري سبب شهيد ٿيندڙن ۾ لڳ ڀڳ 3 هزار ٻار، 1700 کان وڌيڪ عورتون ۽ 397 بزرگ شامل آهن. يهودي فوج جي حملن ۾ هينئر تائين 17 هزار 439 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن، زخمين ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ٻار ۽ 1400 عورتون به شامل آهن، جڏهن ته 7 آڪٽوبر کان لاپتا ماڻهن جو انگ 1600 کان وڌي ويو آهي. فلسطين جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي جارحيت سبب 12 اسپتالون ۽ 57 طبي مرڪز مڪمل طور تي استعمال جوڳا نه رهيا آهن.  گڏيل قومن ۾ فلسطين جي نمائيندي رياض منصور اجلاس ۾ چيو آهي ته اسرائيل جي لاڳيتو بمباري سان غزا جون اسپتال قبرستان بڻجي چڪيون آهن ۽ هيل تائين 3 هزار ٻار ۽ 1700 عورتن کي شهيد ڪيو ويو آهي، اها نسل ڪشي ناهي ته ٻيو ڇا آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي ٿيل اجلاس ۾ فلسطيني نمائيندي رياض منصور غزا ۾ اسرائيلي بمباري سبب ٻارن ۽ عورتن جي مارجڻ جو ذڪر ڪندي لڙڪ لاڙي ويٺو. فلسطيني نمائيندي آلين اکين سان اپيل ڪئي ته خدا جي لاءِ اسان جي ٻارن کي بچايو. 3 هزار ٻار مارجي چڪا آهن ۽ 1600 ٻار اڃا به ملبي هيٺ دٻيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.