پشاور (اي پي پي) خيبرپختونخوا حڪومت پرڏيهين کي ڪڍڻ جي پروگرام کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. خيبرپختونخوا جي نگران وڏي وزير محمد اعظم خان چيو آهي ته پهرين نومبر تائين اهي ماڻهو رضاڪاراڻي طور تي واپس وڃي سگهن ٿا، صوبائي حڪومت انهن جي هر ممڪن مدد ڪندي، اڃان تائين 60 هزار جي لڳ ڀڳ غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهي طورخم کان واپس وڃي چڪا آهن،