ٻهراڙي واري ڪوٽا ختم ڪرڻ خلاف دائود يونيورسٽي جي شاگردن جو مارچ

گلشن اقبال ( ن ع آ) دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي انتظاميا جي ناجائزين ۽ ناانصافين خلاف شاگرد پاران احتجاج  ڪيو ويو، سنڌي ملازمن کي نيڪالي ڏيڻ، سنڌ جي ٻهراڙي واري شاگردن جي ڪوٽا ختم ڪرڻ، شاگردن کي دٻائڻ، شاگردن جون داخلائون رد ڪرڻ ۽ ڳوٺاڻن جون سيٽون ٻين صوبن جي شاگردن کي وڪرو ڪرڻ خلاف شاگرد تنظيم پاران دائود يونيورسٽي کان ڪراچي پريس ڪلب تائين مارچ ڪري احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ۾ قومپرست اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، مشتاق سرڪي، سيد خليل شاهه سميت شاگردن وڏي انگ  ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي مارچ کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هاسٽلن ۾ رهائش جي کوٽ، سالياني فيس ۾ واڌ، سيڪيورٽي جي مسئلن سميت يونيورسٽي ۾ ڪي به سهولتون موجود نه آهن، هنن چيو ته اداري اندر تعصب وارو ماحول پيدا ڪيو آهي، وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين عاصم جي مقرري کانپوءِ شاگردن ۽ يونيورسٽي جي عملي سان ناجائزيون وڌي ويون آهن. قومپرست اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ چيو ته شاگرد دشمن وائيس چانسلر کي هٽائي قابل ۽ لائق وائيس چانسلر مقرر ڪيو وڃي. شاگردن  پاران مطالبو ڪيو ويو ته جن شاگردن جون رد ڪيل داخلائون بحال ڪيون وڃن، سنڌي شاگردن لاءِ برابري واري داخلا کي يقيني بڻايو وڃي،  ۽ ڪيمپس جي شاگردن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.