ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ ۾ سنڌجي تعليمي بورڊزجي سربراهن جي معطلي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪراچي بورڊ جي چئيرمين نسيم ميمڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڪراچي تعليمي بورڊ جي چيئرمين نسيم ميمڻ کي بحال ڪيو ويو آهي، درخواستگذار جي وڪيل رفيق ڪلوڙ چيو ته نسيم ميمڻ جي مقرري سرچ ڪميٽي جي ذريعي ڪئي وئي هئي، نيسم ميمڻ پهرين سنڌ هاءِڪورٽ جي حڪم تي لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ کان ڪراچي مقررڪيو ويو، جسٽس صلاح الدين پنهور سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊز جي چئيرمينز کي عارضي چارج جي ڪري معطل ڪيو هو .
چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ رجسٽرار، ميمبر انسپيڪشن ۽ سيشن جج کي بدلي ڪري ڇڏيو
ڪراچي (رپورٽر)وقتي چيف جسٽس سنڌهاءِ ڪورٽ عرفان سعادت خان رجسٽرار، ميمبر انسپيڪشن ٽيم ۽ سيشن جج ملير جي بدلي ڪري ڇڏي، رجسٽرار آفيس پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب رجسٽرار عبدالرزاق کي سيشن جج مقررڪيو ويو آهي، ميمبر انسپيڪشن ٽيم سهيل محمد لغاري کي رجسٽرار سنڌهاءِ ڪورٽ مقرر ڪيو ويو آهي، سيشن جج ملير صدف کوکر کي ممبر انسپيڪشن ٽيم سنڌهاءِ ڪورٽ مقررڪيو آهي .
پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ
ڪراچي ( م ڊ ) پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ 21 پيسا واڌ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب ڊالر جي قيمت 280 رپيا 9 پئسا آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت 45 پئسا اضافي کانپوءِ 279 رپيا 88 پيسا ٿي هئي.
پهرين خاص اُڏام 132 افغان پناهگير کڻي لنڊن رواني
اسلام آباد(م ڊ) 132 افغان پناهگيرن کي کڻي ويندڙ خصوصي اُڏام ڪالهه اسلام آباد کان لنڊن رواني ٿي وئي. پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق اُڏام اي 330، اِي وي اِي 365 منجهند جو 3:13 منٽن تي لنڊن جي اسٽانسٽڊ ايئرپورٽ لاءِ اُڏام ڀري.
آمريڪي ۽ برطانوي ميڊيا اسرائيلي دعويٰ رد ڪري ڇڏي
نيويارڪ (م ڊ ) مشهور آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز ، برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي ۽ آمريڪا جي نيشنل پبلڪ ريڊيو غزه ۾ الاهلي اسپتال تي بمباري جي حوالي سان اسرائيلي موقف کي رد ڪري ڇڏيو آهي .ان واقعي ۾ 500 فلسطيني شهيد ٿي وياآهن، انهن ۾ وڌيڪ انگ ٻار ۽ عورتون جو آهي ٽنهي ادارن پاران جاري ٿيندڙ جاچ رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته الاهلي اسپتال ٿيل ڌماڪي جي حوالي سان شاهدين جو جائزووٺڻ کانپوءِ اسرائيل جي ان دعوي کي رد ڪيو ويو آهي اسپتال ۾ ڪرندڙ راڪٽ هڪ فلسطيني گروپ اسلامي جهاد پاران فائر ڪيو ويو هيو .