ڏوڪري (رپورٽ: مجاهد آفتاب قاضي ) انسانيت موڪلائي وئي، ڏوڪري ڀرسان 50 رپين تي هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، ڳوٺ منڌرا ۾ 50 رپين جي ڏيتي ليتي تان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين عمران جوڻيجي، محمد علي، زوهيب جوڻيجو ۽ گلاب جوڻيجو ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران 46 ورهين جي گلاب جوڻيجو کي ڏاٽا هڻي زخمي ڪيو ويو، وارثن پاران زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڏوڪري اسپتال آندو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي ڀاءُ محمد ادريس جوڻيجو ٻڌايو ته جوابدارن عمران، محمد علي ۽ زوهيب جوڻيجي 50 رپين جي ڏيتي ليتي تان گلاب جوڻيجو کي ڏاٽا ھڻي قتل ڪيو آهي، ناحق ٿيو آهي، انصاف ڪيو وڃي، باڊھ پوليس جو چوڻ هو ته ڏيتي ليتي تان واقعو پيش آيو، جوابدار گهر خالي ڪري ويا آهن، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.