ماڙي جلباڻي ۾ مارجي ويل چارئي ڳوٺاڻا بيگناهه هئا: ايس ايس پي بينظيرآباد

ڪراچي (رپورٽر) ايس ايس پي شهيد بينظير آباد حيدر رضا سنڌ هاءِ ڪروٽ ۾ بيان ڏيندي اعتراف ڪيو آهي ته ماڙي جلباڻي ۾ مارجي ويل چارئي ڳوٺاڻا بي گناهه ۽ معصوم هئا، مارجي ويل ڳوٺاڻن خلاف ڪو به ڪيس  داخل ٿيل نه آهي، چارئي ڳوٺاڻا ڳوٺ ۾ لڪي ويٺل ڏوهارين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا، عدالت ايس ايس پي بينظيرآباد کي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته جڏهن پوليس ۽ رينجرز پهتي ته ڇا ڳوٺاڻا اڳ ئي ڇتين تي تيار ويٺا هئا؟ سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه  رڪني بينچ ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر ۽ ايس ايس پي کان جي آءِ ٽي ۽ ٻين ڌرين جون رپورٽس طلب ڪري ورتيون، عدالت سنڌ حڪومت ۽ رينجرز کان به جواب طلب ڪري ورتو، عدالت ۾ ايس ايس پي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته واقعي تي نگران وڏي وزير جي آءِ ٽي جوڙي آهي، ان تي ڪم ٿي رهيو آهي، درخواست گذار ذوالفقار جلباڻي ۽ ٻين پاران واقعي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي، مطالبو ڪيو ويو ته واقعي ۾ ملوث اهلڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي، عدالت چيو ته ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙيون ٿا، عدالت پهرين نومبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، ايس ايس پي حيدر رضا عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪارروائي وقت ڳوٺ ۾ ڏوهاري موجود هئا، جن جي فائرنگ ۾ 4 بي گناهه ڳوٺاڻا مارجي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.