پ پ سنڌ ۾ ڌارين کي نوڪريون ۽ تحفظ ڏيندي رهي آهي: ايس يو پي

ڄامشورو/ حيدرآباد (رپورٽر) ايس يو پي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اھم اجلاس پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ  جي صدارت ھيٺ جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو تي ٿيو، اجلاس ۾ روشن علي ٻرڙو، امير علي ٿيٻو، جڳديش آھوجا، امير آزاد پنھور، غلام مصطفيٰ چانڊيو، مختيار ميمڻ، منير نائچ، سيد منير حيدر شاھ، انعام ڪالاڻي، رمضان ٻرڙو، خدابخش ٿيٻو، فلڪ شير اوڏ، ميڊم ياسمين ٿيٻو، ادريس چانڊيو ۽ ٻيا ميمبر شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ پيپلزپارٽي ۽ ق ليگ طرفان بهارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ واري مطالبي جي مذمت ڪئي وئي، اجلاس ۾ چيو ويو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادي کي سنڌ جي شهريت ۽ سڃاڻپ ڏيڻ جي نه رڳو حمايت ڪندي رهي آهي پر انهن کي سنڌ ۾ نوڪريون ڏيڻ سميت قانوني طور انهن کي تحفظ مهيا ڪرڻ جهڙو قومي ڏوھ ڪرڻ جي ذميوار رهي آهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪردار تي سخت تشويش جو اظهار ڪندي گهر ڪئي وئي ته موجوده نگران وزيراعليٰ پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني واري تسلسل کي بحال رکڻ کان پاسو ڪري، سيد زين شاهه ۽ ٻين چيو ته جيڪي ماڻهو صدين کان جن علائقن ۾ رهن ٿا ۽ اتي زمين آباد ڪن ٿا انهن کي اتان رياستي طاقت وسيلي لڏائڻ بنيادي انساني حقن جي لتاڙ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.