پهرين نومبر کان غيرقانوني پرڏيهي گرفتار ڪري ڊي پورٽ ڪبا: حارث نواز

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران گهرو  وزير بريگيڊيئر (ر) حارث نواز ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان  حڪومت ملڪ ۾ غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين کي پنهنجي ملڪ واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان مطابق ملڪ جون سموريون صوبائي حڪومتون ايڪشن وٺي رهيون آهن، جڏهن ته غيرقانوني پرڏيهي جيڪي رضاڪارانه طور تي پنهنجي ملڪ واپس وڃي رهيا آهن انهن کي واپسي جون سهولتون ڏنيون پيون وڃن. هن واضح ڪيو ته اڄوڪي پريس ڪانفرنس جو مقصد سمورن غيرقانوني پرڏيهين کي خبردار ڪرڻ آهي ته 31 آڪٽوبر تائين هو پنهنجي ملڪ ڏانهن واپسي کي يقيني بڻائين. جنهن بعد پهرين نومبر کان غيرقانوني پرڏيهين کي حڪومت حراست ۾ وٺي کين سندن ملڪن ڏانهن واپس موڪليندي. نگران صوبائي گهرو وزير چيو ته غيرقانوني پرڏيهين کي پنهنجي وطن واپس موڪلڻ جا انتظام بهتر انداز ۾ ڪيا ويا آهن ۽ ان عمل ۾ عورتن، ٻارن، بزرگن ۽ ٻين کي مناسب طريقي سان واپس سندن ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو پر 31 آڪٽوبر جي بعد ڪنهن به غير قانوني پرڏيهي کي ملڪ ۾ رهڻ نه ڏنو ويندو ۽ واپسي کي يقيني بڻايو ويندو، پهرين نومبر کان غيرقانوني پرڏيهين کي سندن ملڪن ۾ موڪلڻ لاءِ سنڌ جي نگران صوبائي حڪومت پڻ موثر پلان جوڙي ورتو آهي، پهرين نومبر کان صوبي ۾ رهندڙ سمورن غيرقانوني پرڏيهين کي پنهنجي ملڪ واپس موڪلڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، ان دوران عورتن، ٻارن ۽ بزرگن جي احترام جو خاص خيال رکيو ويندو. هن چيو ته هن وقت تائين لڳ ڀڳ 2 لک کان وڌيڪ غير قانوني پرڏيهين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. هن واضح ڪيو ته غيرقانوني پرڏيهين کي پناهه ڏيڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ نادرا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان مڪمل سهڪار حاصل ڪيو پيو وڃي. هن  چيو ته پاڪستان حڪومت غير قانوني پرڏيهين جا جعلي شناختي ڪارڊ ۽ جعلي دستاويز ٺاهيندڙن خلاف به سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته مان چتاءُ ڏيان ٿو ته اغوا، ڀنگ، ڦر ۽ ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن جي سهولتڪارن کي  نه بخشيو ويندو. هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائم جي وارداتن ۾ غير قانوني پرڏيهي به ملوث رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.