سول اسپتال خيرپور جو ايم ايس بدلي،ڊائريڪٽر فنانس معطل

خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو)سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سول اسپتال خيرپور جي اوچتو دورو سول اسپتال خيرپور  جو ميڊيڪل سپرٽينڊينٽ عبدالقادر ڀٽو کي بدلي ڪري ڇڏيو ۽ ڊائريڪٽر فنانس فهيم شيخ کي مريضن جي شڪايتون تي معطل ڪري ڇڏيو ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر مختيار ميراڻي فرض ۾ تمام گھڻين ڪوتاهين تي ڇنڊ پٽي ان موقعي تي سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيوته فرض ۾ ڪوتائي ڪندڙ ڪنهن به سرڪاري ملازم کي بخش نه ڪيو ويندو اسپتال  ۾ مريضن جون دانهون ٻڌي دلي صدمو پهتو آهي ڪنهن به ملوث ڊاڪٽر کي بخش نه ڪندس اهڙي ڳالھ هن سول اسپتال ميڊيڪل ڪاليج خيرپور جي اوچتو دوري دوران مريض سان ڪئي ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ جو معائنو ڪيو ۽ چيو ته ايمرجنسي ۾ مريض ائين ئي پيا آهن، نه آڪسيجن آهي نه مانيٽرز آهن اسٽيڪچر ائين کي بنا ترتيب جي پيا آهن ڪنهن به اسٽيڪچر يا مريضن جي بيڊن تي ڪوبه ڪور يا بيڊ شيٽ ناهي هن چيو ته سول اسپتال خيرپور جي سالياني بجيٽ 430 ملين رپيا بجيٽ آهي پر اسپتال جو هي حال ڏسي افسوس ٿيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.