اوٻاوڙو ڀرسان ڌماڪو، پورهيت گهرواري ۽ پٽ سميت فوت

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو ڀرسان صادق آباد شھر جي الياس ڪالوني ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪٻاڙ جو واپار ڪندڙ پورھيت،  گھراري ۽ پٽ موقعي تي فوت ٿي ويا ڌماڪي جو آواز پري تائين ٻڌڻ آيو، ڌماڪي جو آواز ٻڏي حادثي واري ھنڌ سوين شھري ۽ فوتين جا وارث پھچي ويا،پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ٽنھي فوتين جا لاش کڻاڻي تعلقه اسپتال صادق آباد پھچايا جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ٽن گھر ڀاتين جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو پوليس جو چوڻ آھي ته واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، جلد واقعي جي حققيت سامھون اچي ويندي، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.