10 سالن کان انصاف جو منتظر آهيان، صرف تاريخون ملن پيون:شاهد خاقان

ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي وزير اعظم شاهدخاقان عباسي چيو آهي ته نيب اهو ادارو آهي جنهن ملڪ کي مفلوج ڪري ڇڏيو  آهي، هن چيو ته عدالتن ۾ ڪئمرائون لڳايون وڃن ۽ دنيا کي ڏيکاريو وڃي ته ڇا ٿي رهيو آهي، احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب جو ڪم صرف سياست کي جوڙڻ ۽ ٽوڙڻ آهي، 10سالن کان انصاف لاءِ منتظرآهيان، عدالتن مان صرف تاريخون ملنديون آهن، شاهدخاقان عباسي چيو ته منهنجي خلاف پي ايس او ۾ ايم ڊي جي غلط مقرري جو ڪيس ٺاهيو ويو آهي، پر  اڄ تائين هي ثابت نه ٿي سگهيو آهي، خاقان عباسي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ملڪ جي اندر جيڪي سياست  هلي رهي آهي هن ۾ منهنجو چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو ڪهڙو ارادو نه آهي، ان کان اڳ احتساب عدالت ۾ پي ايس او ۾ غير قانوني ڀرتين واري ريفرنس  ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، شاهد خاقان عباسي، اڳوڻو ايم ڊي اي شيخ عمران الحق، يعقوب ستار ۽ اڳوڻو پيٽروليم جي سڪريٽري راشد مرزا شامل آهن، عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي بغير ڪارروائي جي 7نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.