نوازشريف ڌرين کي گڏ کڻي ھلڻ تي عمل به ڪري

مسلم ليگ ن جي قائد ميان نوازشريف جي پاڪستان پھچڻ ۽ سندس وڏي عام جلسي تي چيو پيو وڃي تھ سندس پارٽي ڪنھن نھ ڪنھن حد تائين پنھنجي ساک بچائي ورتي آھي.لاھور ۾ مينار پاڪستان ۾ عام جلسي کي خطاب دوران ميان نوازشريف گھڻي احتياط واري ٻولي ۾ تقرير ڪئي.جنھن دوران ھو جتي گھڻي ضرورت محسوس ڪئي اتي پنھنجي اندر جي ڳالھھ سنڌي چوڻي موجب رومال ۾ ويڙھي پيش ڪئي.بھرحال مجموعي طور تي ھڪ تاثر اھو پئدا ٿيو آھي تھ ميان نوازشريف جيڪو ڪنھن حد تائين انيٽي اسيٽيبلشمينٽ واري اڳواڻ طور جيڪا شھرت حاصل ڪئي ھئي. ان ۾ ھاڻي تبديلي محسوس ٿي رھي آھي.

ڪھڙي جماعت يا ڪنھن سياستدان جو ڪھڙو  ارادو ۽ ڪھڙو پروگرام ۽منشور آھي ان جي پڌرائي ھر اڳواڻ ۽ سياسي جماعت کي چونڊ مھم دوران ڪرڻي پوندي،جنھن دوران اھو ماڻھن تي ڇڏيل ھوندو تھ اھي ڪنھن کي ووٽ ڏئي ڪري اقتدار جي مسند تي ويھارين ٿا.

اصل ڳالھھ ھي آھي تھ اھي چونڊن ڪڏھن ٿيڻون آھن ؟ جنھن بابت بدقسمتيءَ سان ميان نوازشريف بھ ڪجھ نھ ڪڇيو آھي.اھو عجب آھي تھ ھڪڙو سياستدان چئين سالن جي جلاوطني ختم ڪري نگران حڪومت ۾ وطن پھتو آھي مٿان چونڊن جو وقت ڀريو پيو آھي انھن چونڊن کي اينگھائڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي پر ميان نوازشريف انھن بابت نھ ڳالھايو آھي.

اليڪشن ڪميشن چونڊن جي ڪا تاريخ نھ ڏني آھي پر ملڪ ۾ ٿيل پھرين ڊجيٽل آدمشماري بعد انھن موجب ملڪ ۾ نئين تڪبندين جو بھانو بڻائي ان م دير ڪئي پئي وڃي.ان ھوندي بھ مختلف تجزئي نگارن اليڪشن ڪميشن جي اڻسڌي اعلان مان سمجھن ٿا تھ امڪاني طور تي اھي چونڊون 28 جنوري تي ٿينديون.

عجيب ڳالھه آھي جو ملڪ ۾ ايندڙ حڪومت حاصل ڪرڻ جي خواھش رکندڙ سياسي جماعتون ملڪ ۾ آئين ۾ واضح ڪيل نقطي موجب 90 ڏينھن اندر چونڊون ڪرائڻ واري ڳالھھ تي زور ڏيڻ جي لاءِ تيار ئي نھ آھن.اھو درست آھي تھ انھن جماعتن ان وقت مقرر مدي اندر چونڊن ڪرائڻ جي ڳالهھ ڪئي آھي جڏھن ھنن کي اھو خطرو رھيو آھي تھ کين الڪشن دوران گيم جي لاءِ آزاد ميدان نھ ملندو.جنھن جو مطلب تھ قانون جي ان نقطي کي بھ ھر سياسي جماعت رڳو پنھنجي فائدي جي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ چاھي ٿي.جڏھن تھ ھن وقت مسلم ليگ ن شايد انڪري چونڊن تي ڳالھائڻ جي لاءِ تيار نھ آھي جو کين ڪنھن نھ ڪنھن حوالي سان اھو محسوس ٿي رھيو آھي تھ اھا اليڪشن جي گيم ۾ ريفري جي فيورٽ ٽيم ۾ شامل آھي.

ميان نوازشريف ملڪ کي بحران مان ٻاھر ڪڍڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي گڏ کڻي ھلڻ جي ڳالھھ تھ ڪئي آھي پر سموريون سياسي جماعتون ھن ڏانھن ڏسي رھيون آھن تھ ڪڏھن ٿي مسلم ليگ ن ان بابت عملي طور ڪم ڪرڻ شروع ڪري ۽ حقيقت ۾ سياست جي ميدان ۾ موجود جماعتن سان گڏجي ڪري ملڪ کي عملي طور بحران مان ٻاھر ڪڍڻ جي لاءِ اڳڀرائي ڪري ٿي.

 ملڪ جي سمورين تجربيڪار جماعتن کي اھو احساس تھ آھي تھ ملڪ کي ڪا ھڪ جماعت ھن بحران واري ڪيفيت مان نٿي ڪڊي سگھي پر ان پاسي ڪا بھ ڌر سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.

پر ياد رکڻ گھرجي تھ ملڪ ھن وقت جنھن گھوٽالي مان گذري رھيو آھي ان مان ڪا بھ ھڪ جماعت نٿي ڪڍي سگھي ان ڪري جيڪڏھن ڪا جماعت سولو فلائيٽ طور اڏام ڀرڻ چاھي ٿي تھ اھا پنھنجو شوق ڀلي پورو ڪري پر ان جي منطقي نتيجي طور وري ڪجھھ وقت بعد ساڳي ڪھاڻي جو ورجاءَ ٿيندو ۽ ان سان سڀني کان وڌيڪ عام ماڻھو ڀوڳيندو جنھن ۾ ھاڻي ايتري سڪت نھ رھي آھي.جنھن ڪري سمورين ڌرين کي گڏجي ويھي ڪري ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي ان تي عمل ڪرڻ گھرجي ان کانسواءِ ٻيو ڪو بھ حل نھ آھي.

سنڌ پبلڪ ڪميشن لڳل الزامن بابت وضاحت ڪري

 سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تازن امتحانن جا نتيجا سامھون اچڻ بعد ان مٿان ڪرپشن جو الزام لڳڻ سان اداري جي ساک متاثر ٿيڻ سان گڏ ان تان عوام جو اعتماد کڄي ويو آھي.سنڌ جي باشعور ڌرين لڳل الزامن جي جاچ لاءِ ساک وارن ججن کان جاچ ڪرائڻ ۽ ان موجب ذميوارن خلاف جوڳي ڪارراوئي جو مطالبو ڪيو آھي.

اداري جي ساک تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي ساڃاوندن جو چوڻ ھو تھ پبلڪ سروس ڪميشن جي گذريل 15 سالن کان ان بابت وقت بوقت سوال اٿندا رھيا آھن.خاص ڪري تازن نتيجن سان تھ اھو تاثر ملي رھيو آھي تھ  ادارو مڪمل طور بااثرن ۽ حڪومتي ڌرين وٽ قيد آھي ۽ ان ۾ مقرر ڪيل ميمبرن جي ساک بھ مٽي ۾ ملي رھي آھي.

جيتوڻڪ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بظاھر ھڪ  خودمختيار ادارو آھي.پر ان جي شفافيت مڪمل طور تي شڪي ٿي وئي آھي.جنھن جو ھڪ حل تھ اھو آھي تھ امتحان ۾ پيپرن کي جاچڻ ۽ زباني امتحان لاءِ ثابت ٿيل ساک رکندڙ ٿرڊ پارٽي کي شامل ڪيو وڃي تھ جيئن امتحانن جا غير تڪراري نتيجا سامھون اچن ۽ عوام جوسنڌ  پبلڪ سروس ڪميشن تي اعتماد بحال ٿي سگھي.

 سنڌ ۾ 15 سالن کان پيپلزپارٽي جي اقتدار واري دور ۾ ساک تي اڪثر سوال اٿيا آھن نھ رڳو ايترو پر ھن کان اڳ  سنڌ ھاءِ ڪورٽ بھ ڪيترائي ڀيرا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ھدايتون جاري ڪري چڪي آھي. پر ان باوجود سڌارا نھ آيا آھن.

  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي.نوان قانون بھ آندا وڃن، شفافيت جي لاءِ جديد ٽيڪنالوجي جي مدد ورتي وڃي ۽ ان جي ھر مرحلي جي نگراني ڪئي وڃي.جڏھن تھ اھا سڌي  ڳالهھ آھي تھ ڪميشن جيڪڏھن سمجھي ٿي تھ لڳل الزام درست نھ آھن،تھ ان جو دليلن ۽ ثبوتن سان دفاع ڪرڻ جي لاءِ سامھون اچي ٻي صورت ۾ سموري سنڌ جي غريب ۽ وچولي طبقي جي بي پھچ اميدوارن سان ٿيندڙ زيادتيءِ تي اھي عدالت جو در بھ کڙڪائي سگھن ٿا.جنھن بعد ڪميشن کي جواب ڏيڻ لازمي ٿي پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.