فاروق ستار پاران مفتاح اسماعيل کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت

ڪراچي( م ڊ )  ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ فاروق ستار اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. خانگي ٽي وي ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو ته پاڪستان جنهن صورتحال مان گذري رهيو آهي ان کي منهن ڏيڻ لاءِ سٺن ماڻهن جي ٽيم ٺاهڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ گڏيل قومي ايجنڊا جي ضرورت آهي. مفتاح اسماعيل سان ملاقات ۾ ملڪ ۽ قومي ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته مفتاح اسماعيل کي ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شموليت جي دعوت ڏني وئي آهي، جنهن جي جواب ۾ مفتاح اسماعيل کانئس سوچي جواب ڏيڻ جو چيو آهي. ذريعن موجب فاروق ستار ۽ مفتاح اسماعيل جي ملاقات 2 ڏينهن اڳ مفتاح اسماعيل جي رهائشگاهه تي ٿي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.