ٽنڊوالھيار ( رپورٽ : حسرت لغاري) ايشيا ۾ لڳندڙ ھندو ڌرم جو سڀ کان وڏو ” رام ديو عرف راما پير ” جو 638 ميلو شروع ٿي ويو، ھن ميلي ۾ ڏيساور سميت ٻين صوبن جي ھندو ياترين سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڏي تعداد ۾ ھندو ياتري ايندا آھن، مردن ، عورتن ۽ ٻارڙن تي مشتمل اڻ ڳڻين ننڍن وڏن قافلن جي صورت ۾ ھزارين ھندو ياتري عقيدت طور وڏا فاصلا پنڌ طئه ڪري ميلي ۾ شرڪت ڪندا آھن، سندن ھٿن ۾ جھليل بانس جي لڪڙن ۾ لڳل جھنڊا به ھوندا آھن جنھن کي ” ڌيا ” سڏيو ويندو آھي. اڪثر ياتري راما پير مندر جي ويجھڙائي وارن علائقن ۾ پھچي ڪنھن ھنڌ تي آستانو ٺاھي رات بسر ڪندا آھن ۽ صبح جو سوير فجر مھل مندر پھچي، آندل ڌيائون مندر تي چاڙھي پنھنجي عقيدت جو اظھار ڪندا آھن جنھن بعد سندن پوڄا پاٽ جو عمل شروع ٿيندو آھي. راما پير شيوا منڊلي جي انتظاميا پاران ياترين جي آمد ۽ تعداد موجب سندن رھائش ۽ کاڌي پيتي جا انتظام پڻ ڪيا ويندا آھن، ضلعي ۾ ميلي دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ ٻاھر کان شھر ڏانھن ايندڙ رستن توڙي ميلي جي ويجھڙائي وارين جاين تي 14 پوليس پڪٽون ۽ چيڪ پوسٽون، 18ٽريفڪس پوائنٽ قائم ڪيا ويا آھن، عوامي آواز پاران ڪيل سروي موجب وڏي تعداد ۾ ياتري ميلي جي اصل تاريخن ۾ ئي راما پير مندر تي حاضريون ڏيئي ۽ مذھبي رسمون ادا ڪري وڃي چڪا آھن جنھن ڪري ميلي ۾ ھميشه جيتري تعداد ۾ ياترين جي آمد جو تسلسل برقرار نه رھيو آھي پر انجي باوجود ھندو ياترين جي آمد جو سلسلو جاري آھي.