بدين (رپورٽ: رازق ڏنوکوسو) سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، سنڌ جي زرعي زمينن تي قبضي، جبري گمشدگين خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر گروپ پاران سوين قومي ڪارڪنن جي الله والا چوڪ بدين کان ايوان صحافت بدين تائين ريلي ڪڍي وئي، ڌرڻو هنيو ويو، جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر گروپ پاران مرڪزي چيئرمين اسلم خيرپوري، اسماعيل ناز نوتڪاڻي، محفوظ نوتڪاڻي، عبدالفتاح چنا، صالح آريسر، ناري تحريڪ جي اڳواڻ ڪرن نظاماڻي ۽ سورٺ لغاري جي اڳواڻي ۾ الله والا چوڪ بدين کان ايوان صحافت بدين تائين سوين قومي ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي ايوان صحافت بدين اڳيان ڌرڻو ھنيو، ڌرڻي ۽ مظاھري کي خطاب ڪندي مرڪزي چيئرمين اسلم خيرپوري، اسماعيل ناز نوتڪاڻي، عبدالفتاح چنا ۽ ٻين چيو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت جنھن ۾ پ پ پ شامل ھئي، گڏجي سنڌ جون لکين ايڪڙ زرعي زمينون ڌارين کي وڪڻي سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪيوآھي، ھاڻي بدين ٺٽو سجاول ضلعن جي ساڍا تيرنھن لک ايڪڙ زمين جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي ته ڌارين کي وڪڻي ڏني ويندي ۽ ڌارين کي اتي آباد ڪري سنڌين کي نيڪالي ڏني ويندي جيڪو سراسر ناجائز ۽ غلط عمل آھي، ڌارين کي فوري طور تي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي، ھنن چيو ته سنڌ مان سون جي تعداد ۾ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي، جن کي ڪافي عرصو ٿي چڪو آھي پر آزاد ناھن ڪيا ويا اگر ھنن جو ڏوھ آھي ته انهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.