لاهور (م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز شريف اڳوڻي وفاقي وزير جاويد لطيف جي ڀاءُ ميان اختر جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ تعزيتي پيغام ۾ مريم نواز شريف ميان اختر جي وفات تي جاويد لطيف ۽ ان جي ڪٽنب سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته جاويد لطيف جي ڀاءُ جي وفات هڪ وڏو صدمو آهي، اسان ان جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون. مريم نواز دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو حوصلي ۽ همت سان برادشت ڪرڻ جو توفيق عطا فرمائي.