قاضي احمد (رپورٽ: مومن جوڻو) سنڌ عوامي سٿ مرڪز جي سڏ تي قاضي احمد ۾ گو افغاني گو سنڌ عوامي سٿ جي سربراھ مھر ڊٻائي، رياض کيمٽيو، ڊاڪٽر ناز ڪيريو ۽ علي حسن خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ علمبردار چوڪ کان پريس ڪلب قاضي احمد چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ ايس يو پي جسقم ايس ٽي پي پاڪستان راڄوڻي اتحاد سول سوسائيٽي سميت وڏي تعداد ۾ شھرين شرڪت ڪئي ريلي کي خطاب ڪندي سنڌ عوامي سٿ جي چيئرمين مهر ڊٻائي رياض کيمٽيو ڊاڪٽر ناز ڪيريو وڏيري نازو ڌاريجو علي رضا خاصخيلي محسن راھو خميسو ڀنڊ ڊاڪٽر شبير چانڊيو ڏاڏو مھر ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته 1980 ۾ افغانستان کان آيل افغاني سنڌ ۾ داخل ٿيا ۽ پاڪستان سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرايا ۽ پاڪستاني سڏرائڻ لڳا، سندن ٺھيل ڪارڊ ڊوميسائل پاسپورٽ رد ڪيا وڃن ۽ سندن ملڪيتون نوڪريون سڀ ختم ڪيون وڃن. ھن چيو ته پنجاب ۾ افغانين خلاف ڪارواريون تيز ڪيون ويون آھن پر سنڌ ۾ اڃا تائين ڪا به ڪاروائي نه ڪئي وئي آھي.ان لاء سنڌي قوم کي سجاڳ ٿيڻ گھرجي ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رھندڙ سنڌي ھٿ مٿي ڪري گو افغاني گو ريليون ڪڍيون وڃن. سنڌ هاڻ ڌارين جو بار برداشت نه ٿي ڪري سگهي.