ميرپور (م ڊ) آزاد ڪشمير جي علائقي اسلام ڳڙهه ڀرسان گاڏي اونڌي ٿيڻ سبب آزاد ڪشمير حڪومت جو اڳوڻو سيڪريٽري ڊاڪٽر راجا محمود الحسن لاڏاڻو ڪري ويو. پوليس موجب راجا محمود الحسن لاهور ۾ ن ليگ جي جلسي ۾ شرڪت ڪري واپس اچي رهيو هو، جنهن دوران اسلام ڳڙهه ڀرسان سندس گاڏي اونڌي ٿي پئي. واضح رهي ته نواز شريف جي 4 سالن کانپوءِ ڏيهه واپسي تي ن ليگ ڪالهه لاهور ۾ مينار پاڪستان تي جلسو ڪيو هو.
آءِ پي پي غلام سرور خان کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي
لاهور (م ڊ) استحڪام پاڪستان پارٽي اڳوڻي صوبائي وزير غلام سرور خان کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب غلام سرور خان جي آءِ پي پي سربراهه جهانگير ترين سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿي چڪيون آهن پر غلام سرور پنهنجي حلقي ۾ چوڌري نثار جي سياسي فيصلي جو انتظار ڪري رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جهانگير ترين گذريل هفتي اسلام آباد ۾ غلام سرور سان به ملاقات ڪئي هئي. ذريعن موجب آءِ پي پي اسلام آباد مان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ايم اين اي سان به رابطي ۾ آهي پر اڳوڻو ايم اين اي آزاد چونڊ وڙهڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو.
وچ اوڀر ۾ تڪرار جي پکيڙ جو خدشو، ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيل جي گولا باري
غزا ( م ڊ ) وچ اوڀر ۾ تڪرار جي پکيڙ بابت خدشا وڌي ويا آهن، لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله ۽ اسرائيلي فوج وچ ۾ فائرنگ ۽ راڪيٽن جي ڏي وٺ ٿي آهي. پرڏيهي خابرو ادارن جي رپورٽن موجب اسرائيل شام ۾ دمشق ۽ حلب انٽرنيشنل ايئرپورٽس تي ميزائل حملا ڪيا، جنهن جي نتجي ۾ ٻه ملازم مارجي ويا آهن. ٻئي پاسي عراق ۾ آمريڪي بيس عين الاسد ايئر بيس تي راڪيٽ حملو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ آمريڪا سڄي وچ اوڀر ۾ فضائي دفاعي نظام کي فعال ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن موجب آمريڪا ٿاڊ ۽ وڌيڪ پيٽرياٽ ميزائل خطي ۾ موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته وڌيڪ فوجين کي مقرري لاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. آمريڪي بچاءَ واري وزير جو چوڻ آهي ته فيصلو ايران ۽ ان جي حامي گروپن جي وڌندڙ ڪارروائين سبب ڪيو آهي. رپورٽن موجب آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽوني بلنڪن لبناني وزيراعظم سان اسرائيل-لبنان سرحدي ڇڪتاڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته حماس اسرائيل تڪرار ۾ لبنان کي ڇڪڻ سان لبناني عوام تي اثر پوندو. هوڏانهن اسرائيل فلسطين خلاف جارحيت ۾ وڌيڪ واڌ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو غزا تي پنهنجا حملا تيز ڪندو.