اقتدار جي رسا ڪشي ۾ سنڌ کي فائدو ناهي، وسيلا ڏنا وڃن: صنعان قريشي

حيدرآباد(پ ر ) سنڌ جا وسيلا سنڌ تي خرچ ڪيا وڃن، اقتدار جي رسا ڪشي ۾ سنڌين جو ڪو به فائدو ناهي، اهڙن خيالن جو اظهار جسقم  چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي، جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام مرڪزي پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي، سنڌ جا وسيلا وفاق جي نالي ۾ لُٽيا ۽ ڦريا وڃن ٿا، خوشيال سنڌ، بک ،بدحالي جو شڪار آهي! بيروزگاري، بک، بدحالي سبب سنڌ جا ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، ڪراچي جي پرائيويٽ فيڪٽرين ۾ به سنڌي ماڻهن کي مڪمل نظر انداز ڪيو پيو وڃي، جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، ڪراچي سميت ڌاٻيچي، ٺٽو، نوري آباد، ڪوٽڙي حيدرآباد جي صنعتي زون ۾ پورهيتن جا حق کاڌا وڃن پيا، خاص ڪري سنڌي پورهيتن سان وڏيون ناانصافيون ڪيو پيو، جيڪو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته ٻي طرف جسقم مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته سنڌ پوليس بدامني ۽ منشيات جو خاتمو ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي،دادو پوليس جسقم ضلعي صدر منصور جمالي کي گرفتار ڪري اي ٽي سي نوشهروفيروز ۾ چالان ڪري جيل حوالي ڪيو ويو آهي، لاڙڪاڻي پوليس جسقم ضلعي چيف آرگنائزر عزيزالرحمان شيخ مٿان بنا جواز جي ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن علمن جي مذمت ڪجي ٿي، مرڪزي پڌرائي ۾ منصور جمالي کي آزاد ڪرڻ ۽ عزيز شيخ تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ جي گهُر ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.