ڪراچي ( م ڊ ) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ پلاسٽڪ روڊن جي تعمير تي غور ڪري رهي آهي ۽ نگران وڏي وزير اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته منصوبي جي فزيبلٽي بابت تفصيل ۽ سفارشون پيش ڪيون وڃن. خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪجهه مهينا اڳ هڪ آئل مارڪيٽنگ ڪمپني 2.5 ٽن کان وڌيڪ رد ٿيل پلاسٽڪ جي بوتلن کي ري سائيڪل ڪيو ۽ ڪراچي ۾ پهريون پلاسٽڪ روڊ متعارف ڪرايو جيڪو 730 فوٽ ڊگهو ۽ 60 فوٽ ويڪرو آهي. سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ شهر ۾ روزانو هزارين ٽن سالڊ ويسٽ گڏ ڪيو وڃي ٿو، ان وٽ ٻه پلانٽ آهن جيڪي روزاني جي بيناد تي 5 ٽن ڪچري کي ريسائيڪل ڪن ٿا. ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي اجلاس ۾ پلاسٽڪ روڊ جي تعمير واري معاملي تي غور ڪيو ويو، جتي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر کاتي جي ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو. هن چيو ته ڪيترن ئي ملڪن پلاسٽڪ جا روڊ ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، ڪراچي ۾ به ان جي ضرورت آهي. هن کاتي کي هدايت ڪئي ته هو معاملي جو ڀرپور جائزو وٺي ۽ ضروري ڪارروائي لاءِ سفارشون پيش ڪن. وڏي وزير واضح چيو ته غير معياري ڪم ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ ان ۾ ملوث ماڻهن جو احتساب ڪيو ويندو.