حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي سخي پير ٿاڻي جي حد گئو شالا واري علائقي ۾ نوجوان پاڻ مٿان پيٽرول هاري باھھ ڏيڻ بعد ٽي ماڙ گھر تان گھٽيءَ ۾ ٽپو ڏئي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آهي. 36 ورهين جي زين العابدين پٽ عبد السلام شيخ پاڻ مٿان پيٽرول هاري باھھ ڏيڻ بعد ٽي ماڙ گھر تان ھيٺ گھٽيءَ ۾ ٽپو ڏنو. واقعي بعد نوجوان جي وارثن ۽ پاڙي وارن نوجوان کي لڳل باهه وسائي ۽ کيس کڻي سول اسپتال پھچايو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جڏهن ته ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب نوجوان جي گھرڀاتين بيان ڏنو آھي تھ زين العابدين ايڪو سائونڊ جو ڪم ڪندو ھو، مٿس قرض چڙھي ويو ھو، قرضين جي تنگ ڪرڻ سبب ھو ڪجهه عرصي کان پريشان ھو، پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان قرضين کان تنگ اچي انتهائي قدم کنيو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.