ڀلي گورنري وڃي اسرائيل خلاف بغاوت ڪيان ٿو: سنڌ جو گورنر

ڪراچي (م ڊ ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته منهنجي گورنر شپ وڃي ته وڃي پرواهه ناهي، اسرائيل خلاف جهاد ۽ بغاوت جو اعلان ڪيان ٿو.گورنر هائوس ۾ فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ رٿيل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪامران ٽسوري چيو ته فلسطينين سان ٿيل ظلم تي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي. هن چيو ته امداد کڻي مصر وڃي رهيو آهيان، اسان پنهنجي سگهه موجب امداد کڻي وينداسين، سڄي قوم فلسطينين سان گڏ بيٺي آهي. سندس چوڻ هو ته اسان کي يهودي طاقتن بدران الله کان ڊڄڻ گهرجي، اسان کي هر پليٽ فارم تي فلسطينين لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي، اسان سڀني کي هڪ ٿي فلسطين لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي.

انڊيا به فلسطينين لاءِ امداد موڪلي ڇڏي

نئين دهلي (م ڊ) فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس جي خلاف جنگ ۾ اسرائيل جي  حمايت ڪندڙ ڀارت عزا لاءِ امداد موڪلي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب ڀارت طرفان امداد انساني بنيادن تي موڪلي وئي جيڪا مص ر۾ رفع ڪراسنگ ذريعي غزا موڪلي ويندي. پرڏيهي معاملن جي ترجمان ارندم باغچي سماجي رابطنجي ويب سائيٽ ايڪس تي روانو ڪيل امدادي سامان جون تصويرون شيئر ڪندي ان جي تصديق ڪئي. ارندم باغچي لکيو ته جهاز آءِ اي سي 17 ذريعي 6.5 ٽن دوائون ۽ 32 ٽن آفتن کان بچاءَ جو سامان فلسطينين لاءِ روانو ڪيو ويو جيڪو مصر جي العريش ائيرپورٽ تي لهندو، هن ٻڌايو ته سامان ۾ ضروري دوائون، خيما، سمهڻ جا بسترا کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻيون شيون شامل آهن.

اي اين ايف تعليمي ادارن ۾ منشيات جي استعمال جي روڪٿام وارين ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (م ڊ) اينٽي نارڪوٽڪس فورس پاڪستان تعليمي ادارن ۾ منشيات جي استعمال جي روڪٿام وارين ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي. مستقبل جي معمارن کي منشيات سپلاءِ ڪندڙ مافيا خلاف زيرو ٽالرينس پاليسي اختيار ڪئي ويندي. اي اين ايف ذريعن گذريل ڏينهن اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته اي اين ايف تعليمي ادارن ۾ منشيات جي استعمال جي روڪٿام جي موثر ڪوششن تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪئي ويندي. اي پي پي کي مليل معلومات مطابق سال 2022ع ۾ تعليمي ادارن جي آسپاس آپريشنز ڪري 160 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪئي وئي. جڏهن ته انهن آپريشنز دوران 36 جوابدارن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.