اسلام آباد (م ڊ) پ پ جي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته چونڊن ۾ دير جو مقصد چونڊون چوري ڪرڻ جو منصوبو آهي. پنهنجي بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هيل تائين اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو، چونڊن ۾ دير جو مقصد چونڊون چوري ڪرائڻ جو منصوبو آهي. هن چيو ته رڳو ٻن سياسي جماعتن جي خواهش تي چونڊون ملتوي نه ٿيون ٿي سگهن، اليڪشن ڪميشن آئين جي پابند آهي، ٻن شخصيتن جي خواهشن جي پابند ناهي. سندس چوڻ هو ته سليڪشن جو هر هر تجربو ڪرڻ بدران چونڊن ڏانهن وڃڻو پوندو، عوام کي اختيار آهي ته اهو ڪنهن کي ٿو چونڊي ۽ ڪنهن کي رد ٿو ڪري.