سکر(رپورٽ: آزاد مهر) سکر ۾ هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي دڪاندار کي قتل ڪري ڇڏيو، ڀاءُ زخمي، نئون پنڊ ٿاڻي جي حد مائڪرو ڪالوني پوليس چوڪي ڀرسان ھٿياربند ڦر دوران پي سي او مالڪ ڪريم بخش تنيو کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ھٿياربندن قتل ٿي ويل جي ڀاءُ قاسم تنيو کي به گوليون ھڻي زخمي ڪيو، واقعي جي اطلاع بعد پوليس لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال منتقل ڪيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، جڏهن ته لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.