حارث نواز کان جيل کاتو واپس، پارلياماني معاملا عمر سومرو حوالي

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ ڪابينا ۾ وزيرن جي کاتن ۾ مٽا سٽا ڪئي وئي آهي. نگران وڏي وزیر جي منظوري بعد نگران وزيرن جا قلمدان تبدیل  ڪري نوٽیفڪیشن جاري ڪيو ويو آهي. بریگیڈئر حارث نواز کان جیل کاتي جو قلمدان واپس ورتو ويو آهي. جنید علي شاھ کي آرڪائیوز ۽ آثار قدیمه جا قلمدان به حوالي ڪيا ويا آهن. نگراں صوبائي وزیر ارشد ولي محمد کي ڪوسٽل ڊيولپمينٽ جو قلمدان به ڏنو ويو. نگراں وزیر قانون عمر سومرو کي پارلیماني معاملا، پراسیڪیوشن، زڪوات ۽ عشر جا کاتا به ڏنا وياآھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.