سنڌ اندر بدامني جو راڄ آهي، فاطمه جي خون سان انصاف ڪيو وڃي:ثمر حيدر

مقصودو رند (ن ع آ) سنڌ هاري ڪاميٽي جي سرواڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ويجهي ساٿي ڪامريڊ رئيس بروهي جي 32 ورسي جي   موقعي تي مقصودورند ۾ سنڌهاري ڪاميٽي جي اڳواڻن ثمر حيدر جتوئي ۽ ڪامريڊ محمد ادريس بروهينيشنل پارٽي سنڌ جي اڳواڻن تاج مري ۽ طالب جکرو ۽ غلام قادر عرف پپو ميمڻ، ڌڻي بخش بروهي،حڪم چند، ڪامرڊ عبداش، ڪلمڪار بهادر رند ۽ استاد ڦوٽو ملڪ شامل هئا مرحوم جي آرام گاھ تي گلن جي چادر چاڙھي وئي، ان کانسواءِ رئيس بروهي جي ڳوٺ کان مقصودو رند تائين ريلي پڻ  ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن تقريرون ڪندي چيو ته سنڌ اندر بدامني جو راڄ آهي، راڻيپور جي حويلي ۾ زيادتي بعد قتل ٿيل فاطمه ڦرڙو ۽ ماڙي جلباڻي جي شهيدن جي قاتلن کي گرفتار ڪري فوري سزائون ڏنيون وڃن، شهيدج ان محمد مهر جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.