عوام کي وڏو جهٽڪو، گئس 200 سيڪڙو تائين مهانگي ڪرڻ جون تياريون

اسلام آباد: (م ڊ) نگران حڪومت عالمي مالياتي فنڊ سان 70 ڪروڙ ڊالر جي ٻئي قسط لاءِ اقتصادي جائزي تي ڳالهيون شروع ٿيڻ کان اڳ گئس جي قيمتن ۾ واڌ بابت آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو شرط پوري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. گئس جي قيمتن ۾ ايندڙ مهيني کان 193 سيڪڙو تائين واڌ جو امڪان آهي. قيمتون وڌائڻ جي سمري سومر تي اقتصادي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش  ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ذريعن ٻڌايو آهي ته پيٽروليم ڊويزن جي سمري ۾ گئس جو ٽيرف 193 سيڪڙو تائين وڌائڻ ۽ گهريلو صارفين لاءِ گئس 172 سيڪڙو تائين مهانگي ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ٻين ڪيٽيگريز لاءِ گئس جي قيمت ۾ تقريبن 193 سيڪڙو تائين واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ پروٽيڪٽڊ صارفين لاءِ فڪسڊ ماهوار چارجز 10 مان وڌائي 400 روپيه ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن موجب برآمدي انڊسٽريز جي ٽيرف ۾ 950 روپيه، ايڪسپورٽ انڊسٽريز جو ٽيرف 2050 روپيه، غير برآمدي صنعتن جي ٽيرف ۾ 1400 روپيه، غير برآمدي صنعتن جو ٽيرف 2600 روپيه ۽ سي اين جي لاءِ گئس جي قيمت 2 هزار 595 روپيه في ايم ايم بي ٽي يو وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. سي اين جي سيڪٽر لاءِ گئس جو ٽيرف 4400 روپيه في ايم ايم بي ٽي يو جڏهن ته بجلي جي ڪارخانن ۽ تندرون لاءِ گئس جون قيمتون برقرار رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جا اگهه پهرين آڪٽوبر کان لاڳو ٿي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.