تل ابيب (م ڊ) اسرائيل فلسطين تي پنهنجي جارحيت ۾ اضافي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو غزا تي حملا تيز ڪندو، پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوجي ترجمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسرائيل حماس تي دٻاءَ وڌائڻ لاءِ غزا ۾ پنهنجي حملا تيز ڪندو، فوجي ترجمان ايڊمرل جو چوڻ هو ته اسان کي جنگ جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيڻو آهي ۽ ان لاءِ اسان ڪنهن جي ٻڌايل رستي تي نه هلنداسين، ميڊيا رپورٽس موجب فوجي ترجمان پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اهو به چيو ته اڄ کان اسان غزا تي حملا وڌائي رهيا آهيون، جڏهن ته وچ اوڀر ۾ تڪرار پکڙجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، اسرائيل طرفان ڏکڻ لبنان ۽ اولهندي ڪناري تي به بمباري ڪئي وئي آهي، اسرائيل ڏکڻ لبنان جي اندر پنج ڪلو ميٽر تائين جي فاصلي تي شديد بمباري شروع ڪري ڇڏي آهي، پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله ۽ اسرائيلي فوج ۾ فائرنگ ۽ راڪيٽ لانچرن جي ڏي وٺ ٿي رهي آهي، جڏهن ته اسرائيل شام ۾ دمشق ۽ حلب جي انٽرنيشنل ايئرپورٽس تي ميزائل حملا ڪيا آهن، جنهن ۾ ٻه ملازم مارجي ويا، جڏهن ته غزه کانپوءِ اسرائيل والاريل اولهندي ڪناري تي به فضائي حملا ڪيا آهن، والاريل اولهندي ڪناري جي علائقي جنين جي پناهگير ڪئمپ جي مسجد کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ 2 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، اسرائيل جي غزه ۾ گذريل 24 ڪلاڪن کان لاڳيتو جاري بمباري ۾ 55 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته اولهه ڪناري ۾ هڪ مسجد کي به شهيد ڪيو ويو، پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيل هڪ ڀيرو وري غزا جي اترين علائقن مان نڪرڻ لاءِ الٽيميٽم ڏيندي چيو ته جيڪي شهري ڏکڻ غزا منتقل نه ٿيا انهن کي حماس جو حامي سمجهيو ويندو، اسرائيلي فوج ڌمڪي ڏني ته اترغزا ۾ الٽيميٽم کانپوءِ به رهجي ويندڙ فلسطيني شهرين کي به نشانو بڻايو ويندو. شهري حماس لاءِ انساني ڍال نه بڻجن، هوڏانهن الٽيميٽم مڪمل ٿيڻ اڳ ئي اسرائيل غزا تي بمباري جاري رکي آهي ۽ 24 ڪلاڪن ۾ ٿيل تازي بمباري ۾ 55 فلسطيني شهيد ٿي ويا، اسرائيل جي تازي بمباري ۾ زخمين جو انگ 100 کان وڌيڪ آهي جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن جڏهن ته اسپتال تي اسرائيلي حملي بعد طبي سرگرميون به بند آهن. غزا ۾ لکين ماڻهو بجلي ۽ خوراڪ کانسواءِ زندگي گھارڻ تي مجبور آهن. رفح ڪراسنڪ تان رڳو 20 امدادي ٽرڪن کي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جڏهن ته غزه ۾ اسرائيل جي وحشياني حملن ۾ هن وقت تائين بمباري ۾ 31 مسجدون به شهيد ٿي ويون آهن، غزه ۾ فلسطيني مذهبي معاملن واري وزارت تصديق ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جي طرفان حملن ۾ 31 مسجدون شهيد ٿي ويون آهن، ٻئي طرف غزه ۾ اسرائيلي بمباري ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 266 فلسطيني شهيد ٿي ويا، صحت جي وزارت موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ شهيد فلسطينين ۾ 117 ٻار به شامل آهن.