اڄ جڏھن ”اميد جي اڏام“ نواز شريف لاهور جي تاريخي يادگار تي جلسي کي مخاطب ٿيندو تھ ڇا تاريخ رقم ٿيندي؟ اڳ بھ ٽي ڀيرا تاريخ رقم ٿي هئي ۽ چراغ گل ڪيا ويا ھئا. ميان صاحب جي واپسي ڪيئن ممڪن ٿي ۽ ڪهڙن شرطن ٿي؟ ٻاهر ڪيئن ويو ۽ واپس ڪيئن آيو؟ جيترا وات اوتريون ڳالھيون. بھرحال اھا ڳالھه آھي تھ نواز شريف کي 3 ڀيرا وزارت عظميٰ تان غيرقانوني طور برطرف ڪرڻ باوجود هر ڀيري واپس اچڻ ۾ ڪامياب ٿيندو رھيو.ڦاسي نڪرڻ ۽ وري واپس اچڻ ۾ ھن جو ڪو ثاني نھ آھي. ھو گريٽ سروائيور آھي.طاقتورن جي سياسي گناهن کي تاريخ جي ڪٽھڙي ۾ کڙو ڪرڻ جي دبنگ اعلانن ۽ ”ووٽ کي عزت ڏيو“ جي پڪار ڪرڻ بعد ھو جھڙي ريت منٿون ڪرائي عافيت جي پاسي کي سڌارڻ ۽ پنھنجو مقدمو الله تعاليٰ جي حوالي ڪندي ”اچو وري سنڀاليو ۽ ھي ملڪ وري بچايو “ جي نعرن جي پڙاڏي ۾ شاندار استقبال سان خوش ٿي رھيو آھي.ڇا سياسي ڪيا پلٽ يا وري قلابازي ؟ ناانصافي جي ازالي ۽ ”ھموار ميدان جي فراھمي“ جي فرمائش ھڪ حد تائين پوري ٿيندي نظر اچي رھي آھي.
اهڙي شاندار پروٽوڪول ۾ اھڙي واپسي ڪڏھن ڪنھن ڏٺي؟ خواھش ڪيتريون پوريون ٿين ٿيون ۽ ڪيتريون سجايون ٿينديون اھو تھ سياسي تقدير جا ڪاتب ئي ڄاڻن ٿا. عمران خان جيل جي سيخن جي پويان ۽ نواز شريف ميدان ۾ آهي ۽ سامھون مقابلي ۾ ڪو به ناهي.پراڻو بيانو دفن ٿي ويو آهي ۽ نئون بيانو ھر پاسي گونجي رھيو آھي : ”ملڪ سنڀاليو ، ملڪ بچايو “ (پر جن کي بنا ڪنھن ٻئي جي سنڀالڻو ۽ بچائڻو آھي . انهن اڳ ۾ ئي ان مملڪت خدا داد کي لوهي هٿن ۾ وٺي ورتو آهي). لاهور جي جلسي جون بھترين تياريون هيون.
ميدان ۾ ھن وقت وزارت عظميٰ لاءِ هڪ ئي اميدوار آهي، اهو آهي نواز شريف! وزارت عظميٰ جي ٻئي امڪاني اميدوار، باصلاحيت بلاول ڀٽو، جا اڏام کان اڳ ئي پيءُ جي شفقت جي ھٿان پر ڪٽجي ويا آھن. پر هڪ سخت سوال آھي تھ ڇا ميان صاحب کي چوٿون ڀيرو وزارت عظميٰ جي تخت تي ويهڻ ڏنو ويندو يا وري اھا ھن جي ڳري شخصيت جي بار کي وري کڻڻ جي ڪنهن ۾ ڪيتري طاقت آهي؟
ميان صاحب لنڊن مان نه اچي رهيو آهي، هو روضه رسول تي حاضري ڀري ۽ ڪعبي جو طواف ڪري ڪري اچي رهيو آهن. الله ۽ ان جي رسول کان معافي وٺي ڪري ۽ پنهنجي دشمنن جي معافي الله جي حوالي ڪري آيو آھي.ان پاڪ سرزمين تي حاضري ڀرڻ بعد اچي رهيو آهي، جنهن جا حاڪم الله جا مقرر ڪيل آهن ۽ جن جو ڏکڻ ايشيا ۾ خاص ڪري برصغير سان نوان لاڳاپا قائم ڪرڻ جي نئين سوچ ميان صاحب جي پراڻي خيال سان مطابقت رکي ٿي. جيو اسٽريٽجڪ سلامتي جي جاءِ تي، ھاڻي معاشي سلامتي ڏانهن جبري پٺڀرائي ميان صاحب جي اڻڪيل گناهن جي بخشش لاءِ ڪافي آهي. هن تبديليءَ لاءِ هو بهتر سياسي عامل ٿي سگھن ٿو. پر هو اکين جو تارو نه آهي. نئون نئون پويان پويان ادب سان ھلندڙ شهباز شريف جي سويلين مقتدرھ جي اقتدار تي پير رکڻ جي رفتار جو ڪو متبادل ناهي.
ڪٿي ائين نھ ٿئي جو ڏک سھن ڳيرا ۽ بيضا کائين ڪانگ..ھاءِبرڊ رجيم جي ڊھڻ (عمران ون ) ۽ 16 مھينن جي ھاءِبرڊ رجيم ٽو (شھباز حڪومت) تقريبن سمورو سويلين اسپيس ڇاوڻي جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي هاڻي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪابينائن جي مٿان مٿان ايپڪس ڪميٽين جو راڄ آھي. آئيني نظام حڪومت ڪڏهوڪو فارغ ٿي چڪو . باقي بچيل سچيل تي ڪاڪڙ ماڊل ئي صادق اچي ٿو.
جيڪڏهن چونڊون آزاد ۽ منصفاڻيون نه ٿيون ته پوءِ هڪ ئي شينهن ميدان ۾ لهندو ته پوءِ اليڪشن جي ساک ڇا بچندي؟ هينئر تائين جي صورتحال مان تھ اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته عوام جي ووٽ جي بنيادي حق کي ختم ڪرڻ لاءِ مڪمل انتظام ڪيا ويا آهن. عمران خان جي نڪمي هائبرڊ حڪومت ۽ شهباز شريف جي ٻي هائبرڊ حڪومت جي ناڪامي اسپيڊ کان پوءِ ۽ مخالف ڪئمپن ۾ ڦاٿل سياستدانن جي ڇانوڻين جي چاپلوسي جي ھٿان جمهوريت ۽ سول حڪمرانيءَ جي لاءِ بچيو ئي ڇا آهي؟ مقتدره سان عوامي بغض معاويه ۽ پراڻن قيادتن کان بيزاريءَ سان عمران خان کي پذيرائي تھ ملي جيڪا ھن پنهنجي بزدلاڻي نرگسيت پسندي مھم جوئي ۽ ڪيني جي نذر ڪري ڇڏي.
هاڻي ته کين جيل ۾ سائيڪل جي سواري بھ ميسر نھ آھي.9 مئي جهڙا واقعا سڄي دنيا ۾ ٿيندا رهندا آهن، جيئن گذريل آمريڪي چونڊن کانپوءِ ڪيپيٽل هل تي ٽرمپ جي حامين طرفان حملو. پر پاڪستاني ٽرمپ جا جان نثار ڀلجي ويا تھ پاڪستان جي ڇاونڻين ۾ احتجاج ۽ اھو بھ پنجاب ۾ ڪرڻ جا ڪھڙا سنگين نتيجا ٿيندا.
اھي تھ ڄڻ شالامار باغ ۾ سير ڪرڻ لاءِ نڪتا ھئا ۽ پوءِ معافين ۽ توبھه کان سواءِ ڪو به مستانو نعرو بلند نه ٿيو.جيئن اسان جنرل ايوب خان، جنرل يحيٰ خان ۽ جنرل ضياءُ الحق جي خلاف عوام جي مزاحمت جي جنگ ۾ ڏسي چڪا ھئاسين.ناڪام ۽ ناپائدار مزاحمت مسلسل جمهوري جدوجهد جي خلاف اشتعال انگيز ي جي طور ڪم اچي ٿي. اڄ جي سياسي مزاحمت جي خاموشي ان جو ئي نتيجو آهي ۽ سموريون سياسي پارٽيون جمهوريت جون صفون ويڙهي ڪري آمريتي قوتن جي سامهون جھڪي سلامي ڪن ٿيون. ھاڻي ميدان ۾ ڪو ٽڪي بھ تھ ڪيئن ٽڪي جڏھن شيخ رشيد جھڙن ايلاز ڪندڙن کي چلو ڪاٽڻو پوي ٿو.
هن جمهوري بلا جي خاموش ۾ نواز ليگ اڳ ۾ ئي ڪاميابي جا گيت ڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. جيتوڻيڪ ملڪ کي درپيش سياسي، معاشي، ادارتي ۽ آئيني بحرانن ڪنهن هڪ سياستدان، ڪنهن ھڪ جماعت ۽ ڪنهن هڪ اداري جي وس جي ڳالھه نھ آھي. بندوق جي زور تي مسئلا حل نٿا ٿين ۽ نھ ئي پاڪستان جي تاريخ ۾ ائين ٿيو آهي.مصر بڻجڻ يا ميانمار جو رستو اختيار ڪندڙ ٿورو سوچين تھ پاڪستان جي تاريخ ۾ حالتون ھٿن مان نڪرندي گهڻي دير نٿي لڳي. ھي اسان 1968ع، 1970ع، 1986ع ۽ 2018ع ۾ ڏسي چڪا آهيون.
پاڪستان جي هر مقبول ۽ چونڊيل وزير اعظم سان ٿيندڙ سلوڪ سان پاڪستان جي تشخص جي وٽ ڪو به مهذپڻي جو پاسو بچيو آهي يا ملڪ جي ڪا ڪل سڌي آهي؟ ڪالهه حسين شهيد سهروردي، شيخ مجيب الرحمان، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، نواز شريف ۽ اڄ عمران خان سڀ جا سڀ سلامتي لاءِ خطرو ڇو ٿي پيا آھن ؟
هاڻي هڪ ٻئي اڳوڻي وزيراعظم ۽ قومي هيرو کي قومي راز فاش ڪرڻ جي ڏوهه ۽ نه ڄاڻ ڪھڙن ڪھڙن ڏوهن ۾ جيل ۾ وجھڻ بعد سولي تي چاڙھڻ جو بندوبست ڪيو پيو وڃي. خدا جي واسطي اسان کي وقفو ڏيو. اڳتي وڌو!ميان نواز شريف هن وقت سينيئر ترين ليڊر آهي، کيس سولو پرواز بدران سمورين سياسي پارٽين کي ھڪ نئين چارٽر آف ڊيموڪريسي، چارٽر آف هيومن رائيٽس ۽ چارٽر آف اڪنامڪس تي گڏجي ويهڻ جي دعوت ڏيڻ گهرجي. جيستائين سياستدان ۾ رولز آف گيم۽ جمهوري عمل تي اتفاق نٿو ٿئي ۽ ادارا آئين جي پاسداري نٿا ڪن،تيستائين اسان جو ملڪ ايئن ئي اونداهي ۾ ڀٽڪندو رهندو. اهڙي صورتحال ۾ اڄ اهو سوال ڪرڻ گهرجي ته چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جو اميدوار نواز شريف عوام سان ڪهڙو نئون عمراني معاهدو ڪرڻ وڃي رهيو آهي؟
جيڪڏهن چونڊون آزاد ۽ منصفاڻيون نه ٿيون ته پوءِ هڪ ئي شينهن ميدان ۾ لهندو ته پوءِ اليڪشن جي ساک ڇا بچندي؟ هينئر تائين جي صورتحال مان تھ اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته عوام جي ووٽ جي بنيادي حق کي ختم ڪرڻ لاءِ مڪمل انتظام ڪيا ويا آهن. عمران خان جي نڪمي هائبرڊ حڪومت ۽ شهباز شريف جي ٻي هائبرڊ حڪومت جي ناڪامي اسپيڊ کان پوءِ ۽ مخالف ڪئمپن ۾ ڦاٿل سياستدانن جي ڇانوڻين جي چاپلوسي جي ھٿان جمهوريت ۽ سول حڪمرانيءَ جي لاءِ بچيو ئي ڇا آهي؟