خيبرپختونخواھ ۾ ھڪ پروفيسر خلاف منظم مھم ھلائڻ بعد انتھا پسندن سان گڏ پوليس ۽ ضلعي انتظاميھ حلفيھ معافي وٺڻ سان گڏ پنھنجي فڪر ۽ نظرئي تان ھٿ کڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.جنھن سان اھو واضح ٿي رھيو آھي تھ ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني کان مقامي سطح تي منظم ٽوليون وڌيڪ سگھاريون آھن ۽ حد جي پوليس ۽ انتظاميھ پڻ انھن کي سھولت ڏئي ڪري ملڪ جي آئين جي خلاف ڪم ڪري رھي آھي.خيبر پختونخواھ جي ضلعي بنون ۾ پوليس ۽ ضلعي انتظاميا جي موجودگيءَ ۾ بنون ڪاليج ۾ تعليم ڏيندڙ بائلاجي جي اسسٽنٽ پروفيسر شير علي خلاف ڪيل انتقامي ڪارروائين بعد ھن تي دٻاءَ وجھي حلفيھ معافي وٺڻ تي مجبور ڪيو ويو.اھو سڀ ڪجھه انتظاميھ جي روبرو ٿيو آھي.جنھن مان خيبرپختونخواھ ۾ وڌندڙ شدت پسندي ۽ اظھار جي آزادي تي لڳل اڻ اعلانيل بندش سان گڏوگڏ سائنسي ۽ عقلي خلاف وڌندڙ اثر ثابت ٿي رھيو آھي.
بنون جي علائقي ڊوميل سان تعلق رکندڙ اسسٽنٽ پروفيسر شير علي پشاور يونيورسٽي مان حياتيات جي شعبي ۾ ماسٽر ڪرڻ سان گڏوگڏ ماسٽر آف فلاسافي پڻ ڪئي آھي.پاڻ گذريل 15 سالن کان تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل آهي.بائلاجي جي مضمون ھئڻ ڪري ان ۾ ڊارون جي ارتقا جو نظريو پڻ بحث ۾ اچي ٿو ۽ ان ئي مضمون ۾ صنف ۽ جنس تي پڻ بحث ڪري شاگردن کي سائنس پڙھائي ويندي آھي. دنيا جي تعليمي ادارن ۾ انھن مضمونن کي مثالن سان سمجھائڻ جو طريقو رائج آھي جنھن سان شاگرد ان کي بھتر نموني سمجھي سگھن ٿا.
تعليم سان تعلق ھئڻ ڪري پروفيسر شير علي عورتن کي گهٽ عقل سمجھڻ سان گڏ عورتن کي گھر جي اندر واڙڻ واري ڳالھھ جي بھ خلاف ھو.ھڪ اسڪالر ھئڻ جي ناتي ھو اڪثر ان موضوعن تي بحث ڪندو رھندو ھو.ڪجھه وقت اڳ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت امداد وٺڻ لاءِ ويندڙ عورتن جي چرپر تي علائقي جي ڪجھه بزرگن ۽مدي خارج سوچ رکندڙ ماڻھن پابندي لڳائي ڇڏي.اھڙي عمل خلاف علائقي جي ڪجھه روشن خيال ماڻھن گڏجي ان پابندي خلاف علائقي ۾ سجاڳي آڻڻ جي لاءِ ھڪ علمي سيمينار جو بندوبست ڪيو ويو.جنھن ۾ پروفيسر شير علي بھ شامل ھو.جنھن پنھنجي تقرير ۾ عورتن جي حقن بابت پراڻن خيالن ۽ تصورن تي ڳالھھ ٻول ڪئي.جنھن دوران ھن اھو چيو تھ برقعو يا ابايو نھ تھ پختون روايتن جو حصو آھي ۽ نھ ئي ان جو اسلام ۾ ڪو ذڪر آھي.اھا سڌي سنئين ھڪ علمي ڳالھھ ھئي.جنهن لاءِ ھن ترڪي ۽ ملائيشيا جا مثال پڻ ڏنا.ھن ان دوران سوالن جي جواب ۾ عورتن ڏاج ۽ ٻين لاڳاپيل سوالن جا بھ علمي جواب ڏنا.پروفيسر شير علي عورتن ۾ گھٽ عقل ھئڻ وارن پراڻن خيال کي به رد ڪيو ۽ وضاحت ڪئي ته طب جي مطابق انسان ان وقت بلوغت کي پهچندو آهي جڏهن ان جي عقل بالغ ٿي ويندي آهي. ڇوڪريءَ 12 سالن ۾ ۽ ڇوڪرو 14 سالن ۾ بالغ ٿيندا آھن.
جنھن مان اھو ثابت ٿو ٿئي تھ ڇوڪريءَ ڇوڪري جي ڀيٽ ۾ اڳ ۾ بالغ ۽ عاقل ٿئي ٿي.ان دوران هن پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 25 ۽ 26 جو حوالو ڏنو ته طب سان گڏ عورتن جي حقن لاءِ آرٽيڪل 25 برابري ۽ ھڪ جيتري تحفظ کي يقيني بڻائي ٿو. جنھن ۾ بيان ڪيل آھي تھ صرف جنس جي بنياد تي ڪو بھ مٿي نھ آھي. ھن اھو بھ چيو تھ آرٽيڪل 25(3) ۽ 26(2) رياست کي ،عورتن ۽ ٻارن جي تحفظ لاءِ خاص انتظام ڪرڻ جي لاءِ پابند ڪن ٿا.
ان بابت سامھون آيل خبرن موجب سيمينار جي ٽن هفتن کانپوءِ اسسٽنٽ پروفيسر شير علي ۽ سندس گهر ڀاتين جي خلاف سموري علائقي مشڪلات وڌي وئي. ان دوران ھر سماجي سرگرميءَ ۾ ھن خلاف منظم پروپئگينڊا شروع ڪئي وئي. ھن جي سموري خاندان جو سوشل بائيڪاٽ ڪيو ويو ۽ مختلف طريقن سان تنگ ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو ويو.ھن کي سوڙھو ڪيو ويو ۽ روز روز کيس مختلف طريقن سان ھراسان ڪيو ويو.
صورتحال انتهائي ڇڪتاڻ واري ٿي وڃڻ تي ڪجهه بزرگن ۽ ضلعي انتظاميا مداخلت ڪري اسسٽنٽ پروفيسر شير علي کي مجبور ڪري ھي معاملو ختم ڪرايو ۽ اهڙي طرح گذريل ڏينهن 60 کان وڌيڪ عالمن، علائقي واسين ۽ ضلعي انتظاميا جي موجودگي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر شير علي کي طلب ڪيو ويو. جنھن ھڪ حلف نامو لکيو.جنھن ۾ ھن پنهنجي پيش ڪيل خيالن تان ھٿ کنيو ۽ ان تي معافي طلب ڪئي.جنھن ۾ لکرايو ويو آھي تھ ھو خدا جي قانون موجب عورتن کي مردن جي مقابلي ۾گهٽ عقل سمجھي ٿو . کائنس زوري يا رضا خوشي واري زنا کي ھو گناھ سمجھي ٿو.اجنبي عورت جو ضرورت کانسواءِ ملڻ يا گڏجڻ جائز نھ آھي.
مان خدائي قانون جي خلاف سڀني سائنسي ۽ عقلي خيالن ۽ نظرين کي غلط سمجهان ٿو، مثال طور ڊارون جو ارتقا جو نظريو نھ رڳو ايترو پر ھن وقت تائين مٿي حوالي ڏنل بابت مون جيڪي بھ اڳ ۾ ڳالھيون ڪيون آھن، سميمينار،ليڪچرن،سوشل ميڊيا تي پوسٽن ۽ ٻين مجلسن ۾ انھن سمورين ڳالھين تان ھٿ کڻا ٿو ۽ توبهھ ڪيا ٿو.اڳتي انھن قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي تھ قانوني طور تي ڏوھاري ثابت ٿيندس.
بنون جي رهواسين موجب 19 مئي 2022 تي اسسٽنٽ پروفيسر شير علي کي بم ڌماڪي جو منهن پڻ ڏسڻو پيو ھو. علائقي جي ماڻهن جو خيال آهي ته ڌماڪي جو سبب هن جون سوشل ميڊيا پوسٽون ۽ انهن جي خيالن، عورتن جي حقن بابت آگاهي، سول بالادستي تي ٻڌل خيالن ۽ وزيرستان ۾ جاري مسئلن تي بحث ھو.
ڌماڪي ۾ ھو محفوظ رھيو ھو پر اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪيل ايف آءِ آر تي ڪڏهن به جاچ نه ٿي سگهي.پاڪستان جي لاڳاپيل اختيارين ۽ عدليھ ۽ ملڪ جي آئين جو تحفظ ڪندڙ ادارن کي ھن اھم ۽ علمي معاملي بابت جاچ ڪري اتي پاڪستان جي آئين جي رٽ قائم ڪرائڻ گھرجي ۽ اھڙن واقعن کي روڪرائڻ جي تڪڙا قدم کڻڻ گھرجن.