لاس اينجلس (م ڊ) هالي ووڊ جي مشهور شخصيتن ڪيٽ بلانشيٽ، جوڪوئن فينڪس،ريمي يوسف ۽ اينڊريو گارفيلڊ آمريڪي صدر جوبائيڊن کي غزه ۽ اسرائيل ۾ فوري طور تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي. امريڪي صدر جي نالي لکيل خط ۾ فلمي شخصيتن چيو آهي ته اسان اوهان جي انتظاميه ۽ سڀني عالمي اڳواڻن کي درخواست ڪيون ٿا ته هو مقدس سر زمين ۾ سڀني زندگين جو احترام ڪن. بنا دير جي جنگ بندي جو مطالبو ڪن.
اسرائيلي ڌمڪيون فلسطين جي حمايت لاءِ ڪمزور نه ڪري سگهنديون: آمريڪي ماڊل
نيويارڪ (م ڊ) آمريڪا جي ماڊل جلينا نورا (جي جي حديد) چيو آهي ته اسرائيل طرفان ڌمڪيون مون کي فلسطيني همايت کان ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. برطانوي نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسرائيل طرفان ملندڙ ڌمڪيون سندس ارادن کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن هوءَ هميشه فلسطين لاءِ آواز اٿاريندي رهندي ڇو ته اها نه رڳو سندس والدين جي اباڻي جاءِ آهي پر هو هر ان انسان ۽ ملڪ جي سان گڏ بيٺل هوندي جتي انسانن جي بنيادي حقن جون ڀڃڪڙيون ڪيون وينديون.