چڪ ڀرسان مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ناري مڙس ۽ ڏير هٿان قتل

لکي غلام شاهه/ چڪ (رپورٽ: نديم جان مهر/ نواب الدين مهر ) چڪ ڀرسان ڏھر ڳوٺ ۾ 20  ورهين جي نوجوان ناري رابعه زال سراج  مهر کي ڏير ساجد مهر بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ڊي ايس پي لکي غلام شاهه صغير حسين مغيري جي اڳواڻي ۾ چڪ پوليس واقعي واري هند پهچي قتل ٿيل ناري رابعه مهر جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو، پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب اڃان تائين ناري جي قتل جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو، جاچ ڪيون پيا، مقتولا رابعه مهر جي پيءُ وزير مهر ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ کي جوابدار ساجد مهر پنهنجي ڀائرن سان گڏجي بيگناھ قتل ڪيو ويو آهي، ڌيءَ مٿان تشدد ڪيو ويندو هو، نياڻي کي ڪمرو بند ڪري بيدردي سان قتل ڪيو ويو،جوابدارن کي گرفتار ڪري نياڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.