ڪراچي ۾ ايف آءِ اي طرفان اسمگل ۽ چوري ڪيل 250 موبائل هٿ

ڪراچي (رپورٽر ) ايف آءِ اي صدر ۾ واقع اليڪٽرانڪ  مارڪيٽ ۾ ڇاپو لڳائي ڪري اسمگل ۽ چوري ڪيل ھڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جا 250 موبائل فون ھٿ ڪري ورتا آهن، ڇاپي جي دوران 2 ملزمنن کي گرفتار ڪري ورتو. اسمگل ۽ چوري شده موبائل فونز جي آئي ايم اي آءِ نمبر ٻاھرين ملڪ مان خريد ڪري ھڪ جديد سافٽ ويئر جي ذريعي تبديل ڪيو ويندو ھو. ايف آءِ اي جي مطابق پي ٽي اي جي سسٽم ۾ پھريان کان رجسٽرڊ موبائل فون نمبرز جي ڊيٽا به جوابدارن کان ھٿ ٿي آهي، جوابدارن جعل سازي جي ذريعي پي ٽي اي کي پنج ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو نقصان پھچايو. ترجمان ايف آءِ اي جي مطابق ھٿ ڪيل موبائل فونز ۾ برطانيا مان چوري ڪيل فون به  شامل آهن، اينٽي ڪرپشن سرڪل ڪراچي ملزمنن جي خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.