قاهرا امن اجلاس، عرب ملڪن غزا مان فلسطينين جي جبري بي دخلي کي رد ڪري ڇڏيو

قاهرا (ويب ڊيسڪ) مصر جي سربراهي ۾ ٿيندڙ قاهرا امن اجلاس ۾ سعودي عرب سميت عرب ملڪن غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي اسرائيل جي غزا جي ماڻهن کي جبري طور بي دخل ڪرڻ جي ڪوششن کي رد ڪري ڇڏيو.
اجلاس جي موقعي تي فلسطيني صدر محمود عباس پنهنجي سرزمين ڪڏهن نه ڇڏڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته اسان پنهنجي سرزمين ڪڏهن نه ڇڏينداسين ۽ نه ڪير اسان کي پنهنجي سرزمين تان بي دخل ڪري سگهي ٿو.
اجلاس سان خطاب ۾ سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان به اسرائيلي ڪوششن کي رد ڪندي عالمي برادري کان اسرائيل کان عالمي قانونن جي پاسداري ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.
اردن جي شاهه عبدالله فلسطينين کي جبري طور ڪڍڻ کي جنگي ڏوهه قرار ڏيندي چيو ته عرب دنيا کي هن وقت پيغام ڏنو پيو وڃي فلسطينين جو زندگيون اسرائيل جي ڀيٽ ۾ ڪا اهميت نه ٿيون رکن.
امن اجلاس سان خطاب ڪندي يورپي ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل چيو اسان سمجهون ٿا ته ان مسئلي تي ان قائم ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.
اجلاس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ فرانس غزا ۾ انساني بنيادن تي جنگبندي جو مطالبو ڪيو.
اجلاس جي ميزبان مصر جي صدر عبدالفتاح اليسيسي چيو اميد ته شرڪت ڪندڙ فلسطين مسئلي جي مستقل حل ۽ امن لاءِ قدم کڻندا، مسئلي جو واحد حل آزاد فلسطيني رياست آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.