اسرائيل پاران غزا تي حملا تيز ڪرڻ جو اعلان

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل فلسطين تي پنهنجي جارحيت ۾ اضافي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو غزا تي حملا تيز ڪندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوجي ترجمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسرائيل حماس تي دٻاءَ وڌائڻ لاءِ غزا ۾ پنهنجي حملا تيز ڪندو.
فوجي ترجمان ايڊمرل جو چوڻ هو ته اسان کي جنگ جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيڻو آهي ۽ ان لاءِ اسان ڪنهن جي ٻڌايل رستي تي نه هلنداسين.
ميڊيا رپورٽس موجب فوجي ترجمان پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اهو به چيو ته اڄ کان اسان غزا تي حملا وڌائي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.