گئس جي اگهن ۾ ڇرڪائيندڙ واڌ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گئس جي اگهن ۾ ايندڙ مهيني کان ڇرڪائيندڙ واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب گئس جا اگهه وڌائڻ جي سمري سڀاڻي امڪاني طور اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم ڊويزن جي سمري ۾ گئس جو ٽيرف 193 سيڪڙو تائين وڌائڻ ۽ گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس 172 سيڪڙو تائين مهانگي ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب ٻين ڪيٽيگرين لاءِ گئس جي قيمت ۾ تقريبن 193 سيڪڙو تائين واڌ تجويز ڪئي وئي آهي ۽ پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ فڪسڊ ماهوار چارجز 10 مان وڌائي 400 رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جا اگهه پهرين آڪٽوبر کان لاڳو ٿي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.