جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد ۾ ميان بخش دشتي ۾ مڙس غيرت جي نالي تي زال ۽ مائٽ کي قتل ڪري ڇڏيو، دوداپور ٿاڻي جي جي پوليس موجب جوابدار ثناءُ الله دشتي پنهنجي گهرواري حاڪمان ۽ مائٽ ممتاز دشتي کي فائرنگ ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويو، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال ڳڙهي خيرو منتقل ڪيا جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيا، پوليس جو چوڻ هو ته ٻنهي کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.