بحريا ٽائون تاريخي قبرستان تي قبضو ڪري کيرٿر نيشنل پارڪ جي حدن ۾ داخل

ڪراچي (رپورٽر)بحريا ٽائون ڪراچي کيرٿر نيشنل  پارڪ تائين پهچندي ملير گڏاپ ۾ ٿڌو نديءَ جي ڪناري تي واقع تاريخي قبرستان مور مرادي جيڪو  قديم تاريخي ماڳ ۽ ثقافتي ورثو چوڪنڊي طرز تي تعمير ٿيل آهي اتي”بحريه ڍنڍ جو نظارو“ (بحريه ليڪ ويو)جو منصوبو  تيار ڪري ادارن جي مدد سان کيرٿر نيشنل پارڪ جي حدن ۾ داخل  ٿي ويو آهي، کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ واقع هڪ منفرد آرڪيٽيڪچرل انداز سان هي صديون پراڻو قبرستان جيڪو زرعي زمينن سان گهيريل هو کيرٿر نيشنل پارڪ جي حدن اندر ٿڌو درياهه جيڪو گڏاپ ملير ۾ زير زمين پاڻي ذخيرو ڪرڻ جو وڏو ذريعو آهي پڻ خطري ۾ پئجي ويو آهي ٻي پاسي اتي بحريا ٽائون کي مبينا طور تي علائقي جي طاقتور ۽ بااثر ماڻهن جي حمايت حاصل هجڻ سبب  ڳوٺاڻن کي آسپاس جي زمين سستي اگهه تي وڪڻڻ لاءِ  مجبور ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب نه صرف مور مرادي قبرستان کي خطرو آهي، پر ڀرپاسي جي پاچران جبل کي به تباهه ڪيو ويوآهي جيڪو  انڊس آءِ بيڪس ۽ ٻي جهنگلي جيوت لاءِ محفوظ پناهه گاهه هوندو هو اهو تباهه ٿي ويو آهي. بحريا ٽائون اٿارٽي هن تاريخي ماڳ کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن وڌيڪ زمين تي قبضو ڪري سگهجي. هتي باغن، ٻيلا ۽ قدرتي وڻن کي پٽي ضايع  ٿيڻ سان گڏ ٿڌو درياهه جيڪو گڏاپ ملير ۾ زير زمين پاڻي ذخيرو ڪرڻ جو وڏو ذريعو آهي، ان کي به خطرو آهي

مور مرادي قبرستان تي گل حسن ڪلمتي جي تحقيق ٿيل

ڪراچي : مشهور مورخ گل حسن ڪلمتي  ملير جا اڪثر قبرستان دريافت ڪيا هئا، جن جو ذڪر هن پنهنجي ڪتاب ”ڪراچي، دي گلوري آف ايسٽ“ (ڪراچي: سنڌ جي مارئي) ۾ ڪيو آهي. بحرحال، اها ٽيڪنڪ روم مان نڪرندي بعد ۾ ايران تائين پکڙجي وئي ۽ پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ داخل ٿي، هي علائقو نه رڳو جهنگلي جيوت لاءِ رهائشگاهه آهي، پر سڄي علائقي جي هڪ قديم ۽ ڊگهي تاريخ آهي. مورمرادي جي تاريخي قبرستان جي حوالي سان ليکڪ ۽  محقق گل حسن ڪلمتي لکيو هو ته  قبرن جي پٿرن تي ڪيل چٽ سالي منفرد آهي. ملير جي ٻين قديم قبرستانن جهڙوڪ چوڪنڊي جي ڀيٽ ۾، مور مرادي قبرستان ان جي پٿر کي ڦيرائڻ واري ٽيڪنڪ جي ڪري پراڻو نظر اچي ٿو ۽ سمان خاندان (1351-1524) ۾ قائم ڪيو هو. ٻئي طرف، چوڪنڊي بعد واري دور  يا مغل خاندان جي دور ۾ ٺهيل هو

جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جو  ڳٺ جوڙ، پارڪ جي قدرتي خوبصورتي خطري ۾

ڪراچي : کيرٿر نيشنل پارڪ ڏکڻ اولهه سنڌ ۾  ڪراچي کان 80 ڪلوميٽر اتر ۾ کيرٿر جبل جي سلسلي ۾ واقع آهي. اهو پاڪستان جو ٽيون وڏو قومي پارڪ آهي. 1972ع ۾ جهنگلي جيوت جي پناهه گاهه قرار ڏيڻ کانپوءِ 1974ع ۾ ان کي نيشنل پارڪ قرار ڏنو ويو. کيرٿر گڏيل قومن جي پارڪ لسٽ ۾ نمبر ون آهي. کيرٿر نيشنل پارڪ  بابت انڪشاف ٿيو آهي ته کيرٿر پارڪ غير قانوني اڏاوتن، جاگيرداراڻن ۽ سرمائيداري  مفادن سبب پارڪ جي قدرتي خوبصورتي خطري ۾ آهي. بحريا ٽائون پنهنجي غير قانوني حدن سان مقامي ماڻهن کي بي گهر ڪري رهيو آهي ۽ قدرتي ماحول کي خراب ڪري رهيو آهي. تحقيق موجب کيرٿر جي تباهي جو بنيادي سبب ٻيلن جي کوٽ آهي، جنهن ڪري هن کي جهنگلي جيوت جي لاءِ غير آباد بڻائي ڇڏيو آهي. کيرٿر نيشنل پارڪ جي آس پاس جي مقامي ماڻهن جي زمينن تي قبضي ڪرڻ لاءِ طاقتور ۽ سرداري  دٻاءُ استعمال ڪيو  پيو وڃي.

قديم ثقافتي ورثي کي ميساريو  پيو وڃي:فاروق سرگاڻي

ڪراچي : موسمياتي تبديلي ، شاگرد يونين جي بحالي، سياست ۽ جاگيرداري تي تحقيق ڪندڙ ليکڪ فاروق احمد سرگاڻي جو چوڻ هو   ته  بحريا ٽائون جي منصوبي سان هن قديم ثقافتي ورثي کي ميساريو ڪيو پيو وڃي  ۽ اٿارٽي کيرٿر نيشنل پارڪ کي ختم ڪري ڇڏيندي، هي سمورو علائقو تاريخي ۽ ماحولياتي اهميت رکندڙ آهي پر ترقي جي نالي تي بحريا ٽائون تاريخي ماڳن کي ڊاهي پٽ ڪري، جبل ۽ وڻ ڪٽائي فطرت، جهنگلي جيوت ۽ ماحول کي سخت متاثر ڪري رهي آهي.

کيرٿر نيشنل پارڪ عالمي ورثو  قرار ڏنل آهي: حفيظ بلوچ

ڪراچي : سنڌ انڊيجينس رائيٽس الائنس جي اڳواڻ حفيظ بلوچ  عوامي آواز سان ڳالهائيندي  چيو ته کيرٿر پارڪ کي بين الاقوامي  حيثيت حاصل آهي ۽ قومي قانون تحت محفوظ آهي، پر طاقتور ڌريون ۽ وڏيرا  دٻاءُ  ذريعي مقامي ماڻهن کي زمينون سستي اگهه تي وڪڻڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا آهن  جنهن سبب  صديون پراڻو قبرستان مور مرادي خطري ۾ آهي،هن چيو ته  کيرٿر نيشنل پارڪ واري علائقي ۾ ڪنهن به مقصد لاءِ کوٽائي منع آهي جيئن سنڌ وائلڊ لائيف آرڊيننس ۾ ڄاڻايل آهي. 1970ع جي هڪ ٻئي ايڪٽ تحت حڪومت تيل يا گئس جي ڳولا تي به پابندي لڳائي هئي،  حفيظ بلوچ  وڌيڪ چيو ته کيرٿر نيشنل پارڪ عالمي ورثو  قرار ڏنو ويو ويو آهي، پر ان کي ترقي جي نالي تي تباهه ڪيو پيو وڃي. ڇا اهو ڪنهن قانون ۾ جائز آهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ کي کيرٿر نيشنل پارڪ جي تباهي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.