سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي جي يو آءِ طرفان امن مارچ جو اعلان

لاڙڪاڻو(ڊ ر) جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي مسئلن کي نظر  ۾ رکندي خاص طور سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال، ڌاڙيل راڄ، اسٽريٽ ڪرائيم، ڀنگ لاءِ اغوا، سنڌ جي وسيلن، ٻيٽن ۽ معدنيات تي قبضي، سنڌ جي زمينن جي وڪري، هر روز معصوم ٻارڙين جا لاش ملڻ ۽ ساڍا 300 ڪروڙ تعليم جي سالياني بجيٽ هئڻ باوجود 60 لک ٻارن کي تعليم کان محروم رکڻ، 250 ڪروڙ صحت جي بجيٽ هئڻ باوجود اسپتالن ۾ ايڪسري، ايم آر آر ۽ سي ٽي اسڪين جون مشينون ڪم نه پيون ڪن انهن سموري صورتحال، حالتن ۽ واقعن کي سامهون رکندي جي يو آءِ سنڌ 22 آڪٽوبر کان 2 نومبر تائين سنڌ امن مارچ جو اعلان ڪيو آهي، اڄ 22 آڪٽوبر آچر ڏينهن صبح 10 هين وڳي جي يو آءِ سنڌ طرفان سنڌ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو قافلو نڪرندو، قافلو ٽيڙهي باءِ پاس خيرپور کان شروع ٿي سکر، روهڙي، پنوعاقل، گهوٽڪي، ميرپورماٿيلو کان ٿيندو اوٻاڙو پهچندو، 23 آڪٽوبر تي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد، 24 آڪٽوبر تي شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پهچندو، 25 آڪٽوبر تي قمبر شهدادڪوٽ ۽ دادو، 26 آڪٽوبر تي نوشهروفيروز ۽ خيرپور، 27 آڪٽوبر تي نوابشاهه ۽ سانگهڙ، 28 آڪٽوبر تي ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ، 29 آڪٽوبر تي ٿرپارڪر ۽ بدين، 30 آڪٽوبر تي ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊو الهيار، 31 آڪٽوبر تي مٽياري ۽ حيدرآباد، پهرين نومبر تي ڄامشورو، سجاول ۽ ٺٽو ۽ 2 نومبر تي لکين ماڻهن جو سمنڊ ڪراچي ۾ جمع ٿيندو جتي سنڌ امن مارچ جي ايجنڊا ۾ طوفان اقصيٰ کي به شامل ڪيو آهي، احتساب کان نه ٿا ڊڄون، اسان صاف ۽ شفاف احتساب جا حامي ۽ اليڪشن کان ڀڄڻ وارا ناهيون پر وقت ۽ حالتن کي ڏسي ڪري اليڪشن جو اعلان ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.