صدر جو بائيڊن چيو آهي ته آمريڪا ۾ مذهب، عقيدي ۽ نسل جي بنياد تي نفرت جي ڪا گنجائش ن آهي. آمريڪي صدر جو اهو بيان شڪاگو لڳ هڪ ستر سالن جي گهر مالڪ طرفان ڇهن ورهين جي فلسطيني ٻار کي جي قتل تي سامھون آيو آھي.قاتل مالڪ اھو چئي ڪري عورت ۽ ٻار تي حملو ڪيو تھ” مسلمانن کي جيئڻ جو ڪو حق ناهي“ هي اهو نعرو آهي جيڪو جرمني جي ايڊولف هٽلر يهودين خلاف بلند ڪيو ۽ پوءِ هولوڪاسٽ جو ڀيانڪ واقعو ٿيو.جنھن ۾ نازين هٿان لکين يهودي مارجي ويا.
حماس جي حملي سان شروع ٿيندڙ تباهي اڃان به جاري آهي. آمريڪي حڪومت اسرائيل کي هر قسم جي جنگي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪري رهي آهي. اسرائيل جي حفاظت لاءِ جنگي جهازن جو هڪ ٻيڙو عربي سمنڊ ڏانهن موڪليو ويو آهي. صدر بائيڊن جي اڳواڻي ۾ آمريڪا اسرائيلي ظلم ۽ جارحيت جي سرپرستي ڪري رهيو آهي. اسرائيل ۾ حماس جي هٿان مارجي ويل ڪجھه سئو يهودي مظلوم قرار ڏنا پيا وڃن، پر غزه ۾ روزاني بمباري ۾ مارجي ويندڙ هزارين ماڻهن لاءِ مذمت يا افسوس جو هڪ لفظ به ٻڌڻ ۾ نٿو اچي.
حماس جي دهشتگردي جي مذمت ۽ اسرائيل سان ايڪتا جي جوش ۾ صدر جو بائيڊن لڳاتار اھڙا بيان جاري ڪيا آهن ۽ اهڙا قدم کنيا آهن، جيڪي سڌي ريت مسلمانن، فلسطينين ۽ عربن جي خلاف نفرت ۽ انتهاپسندي کي فروغ ڏيڻ جو سبب بڻجي رھيا آھن.بدقسمتيءَ سان نفرت جو اهو اظهار نه رڳو اسرائيل يا فلسطيني مقبوضه علائقن ۾ نظر اچي رهيو آهي، پر هاڻي ان جو دائرو سڄي دنيا ۾ پکڙجي چڪو آهي. آچر ڏينهن شڪاگو جي هڪ گهر ۾ هڪ فلسطيني ڄائي آمريڪي عورت ۽ سندس 6 سالن جي معصوم ٻار تي گهر ۾ داخل ٿي ڪري حملو ڪيو، جيڪو ان نفرت جو ثبوت آهي.
ان کان گھٽ شدت جي نفرت جو اظهار دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ نظر اچي رھيو آھي. مسلمان ملڪن ۾ احتجاج ڪندڙ يهودين ۽ اسرائيل خلاف نفرت جو کليل اظهار ڪن ٿا، جڏهن ته اولھھ جي ملڪن ۾ راءِ عامھ ورهايل آهي. اسرائيل ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ شدت سان مظاهرا ڪيا پيا وڃن. جيتوڻيڪ فلسطينن جي حمايت ۾ احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙن جو تعداد تمام گھڻو ھوندو آهي،ڇاڪاڻ جو ميڊيا ۾ غزه تي اسرائيل جي بمباري جا منظر ڪنهن جي بھ مزاج تي اثر ڇڏڻ لاءِ ڪافي آهن. پر اسرائيلي وزيراعظم پنهنجي ئي عوام ۾ نفرت پيدا ڪرڻ لاءِ جنگي نعرا هڻي رهيو آهي ۽ هر هر اهو اعلان ڪيو پيو وڃي ته اسرائيل جو انتقام اڃا شروع ئي نھ ٿيو آهي. آمريڪا،حماس جي دھشتگردي جي مقابلي ۾ معصوم شهرين کي مارڻ جي ان غير انساني عمل کي لڳاتار ”اسرائيل جي دفاع“ جو نالو ڏئي رهيو آهي.
شڪاگو ۾ ڇهن سالن جيودا الفيوم جي قتل کانپوءِ آمريڪي صدر يقينن آمريڪا ۾ نسلي ۽ مذهبي نفرت کي قبول نه ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي پر گذريل هفتي دوران صدر بائيڊن جا بيان سڀ کان وڌيڪ نفرت پکيڙڻ جو ڪارڻ بڻيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ يهودين جي هڪ گروپ سان ڳالهائيندي ھن دعويٰ ڪئي هئي ته حماس جي حملي آورن حملي دوران هڪ سئو ٻارن جا سر قلم ڪري ڇڏيا. اها خبر بي بنياد ۽ نفرت انگيز پروپيگنڊا جو حصو هئي پر آمريڪي صدر اسرائيل سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي حقيقتن کي جانچڻ ضروري نه سمجهيو. بعد ۾ وائيٽ هائوس جي ترجمان معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي.
جيتوڻيڪ ڪنهن به بين الاقوامي ميڊيا ٻارن جي سر قلم ڪرڻ جي رپورٽ نه ڪئي. جڏهن آمريڪا جو صدر هڪ بي بنياد خبر کي تقرير جو حصو بڻائيندو آهي تھ ان سان نفرت وڌندي.
صدر جو بائيڊن بظاهر ان افسوس جوڳي سانحي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. هن ايڪس تي هڪ پيغام ۾ چيو ته ٻار جو خاندان هڪ فلسطيني مسلمان آهي، جيڪو ٻارهن سال اڳ آمريڪا ۾ اھو ئي خواب کڻي آيو، جيڪو اسان سڀني جو آهي:” محفوظ گهر، علم ۽ سڪون سان عبادت جو موقعو. هن جرم ۽ نفرت جي آمريڪي سماج ۾ ڪا به جاءِ ناهي“ پر جڏهن جو بائيڊن روز اسرائيل جي حمايت ۾ بيان جاري ڪري ٿو ۽ جنگي ڪارروايون ڪيون وڃن ٿيون ۽ ماڻهن کي ٻڌايو وڃي ٿو ته حماس هڪ اھڙو ويڙهاڪ گروپ آهي،جنھن مان نه رڳو اسرائيل پر پوري دنيا کي سنگين خطرو آهي.جنھن سان ته نفرت پکڙجي ٿي. ان کي ختم ڪرڻ جو ڪو تصور موجود ناهي. اڳواڻن کي بيان ڏيڻ وقت توازن وڃائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
حماس جي جنگي قوت ختم ڪرڻ لاءِ قدمن تائين ڳالھھ مڃي سگھجي ٿي، پر غزه ۾ اسرائيلين کي فلسطينين کي مارڻ جو لائسنس ڪيئن جاري ڪري سگهجي ٿو؟ صدر بائيڊن نه رڳو اهو لائسنس جاري ڪري رهيو آهي پر اهو اعلان ڪري رهيو آهي ته غزه ۾ فلسطينين خلاف يهودين جي ڪارروائي جائز آهي ۽ جيڪو به ان خلاف آواز اٿاريندو ان جو مقابلو آمريڪا سان آھي. صدر جو بائيڊن ۽ آمريڪي حڪومت کي ٻڌائڻ گهرجي ته هن حڪمت عملي سان آمريڪي عوام کي نفرت کانسواءِ ٻيو ڪهڙو پيغام ڏنو پيو وڃي؟
هن وقت دنيا ۾ مسلمانن ۽ فلسطينين خلاف ٿيندڙ نفرتن جي پروپيگنڊا جي سموري ذميواري جو بائيڊن تي لاڳو ٿئي ٿي. 6 ورهين جي ٻارڙي ودا الفيوم جي وحشياڻي قتل کانپوءِ آمريڪي صدر هڪ بيان ڏئي اڳتي نٿو وڌي سگهي، پر کيس پنهنجي حڪمت عملي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي ۽ غزه جي شهرين خلاف اسرائيل جي رياستي دهشتگردي تي ڳالھائڻ گھرجي.کيس اسرائيلي وزيراعظم ۽ حڪومت کي ٻڌائڻ گهرجي ته شهرين جي پاڻي گھرجي شھرين جو پاڻي ۽ خوراڪ جي ناڪابندي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آھي.
هن وقت دنيا ۾ مسلمانن ۽ فلسطينين خلاف ٿيندڙ نفرتن جي پروپيگنڊا جي سموري ذميواري جو بائيڊن تي لاڳو ٿئي ٿي. 6 ورهين جي ٻارڙي ودا الفيوم جي وحشياڻي قتل کانپوءِ آمريڪي صدر هڪ بيان ڏئي اڳتي نٿو وڌي سگهي، پر کيس پنهنجي حڪمت عملي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي ۽ غزه جي شهرين خلاف اسرائيل جي رياستي دهشتگردي تي ڳالھائڻ گھرجي.