”ڌاريا نامنظور“جيئي سنڌ محاذ جا مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) جيئي سنڌ محاذ مرڪز جي سڏ تي افغاني پناهگيرن جي نيڪاليءَ لاءِ  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، رتوديرو ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران سنڌ ۾ ترسيل غير قانوني افغانين جي نيڪاليءَ لاءِ رتوديرو ڀرسان ڀانڊو قبو وٽ انڊس هاءِ وي تي جيئي  سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ، عزيزالله ڀٽو ، اياز بليدي ، عالم پناھ ابڙو ، منظور گهانگهرو ، ديشي ميراڻي ، ذوالفقار بليدي ، اسدالله سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي سبب روڊ بند ٿي وڃڻ ڪري  مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند ٿي وئي رتوديرو کان خضدار بلوچستان سنڌ پنجاب سنڌ کي گنڍيندڙ سي پيڪ 5 ڪلاڪن کان وڌيڪ بند ڪري مطالبو ڪيو ويو ته ڪنهن به صورت ۾ اسان کي غير ملڪي افغاني قبول نه آهن، جسم چيئرمين وڌيڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سمجهو ٿا ته افغاني باغيرت بهادر قوم آهي اهي بهادري جو مظاهرو ڪندي اسان جي سنڌ خالي ڪن هن چيو ته اسان مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين مذهبي اڳواڻن جي ڌارين جي حق ۾ ڏنل بيان جي مذمت ڪيون ٿا ۽ جي يو آءِ جي غيرت مند ڪارڪنن کي چئون ٿا ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو وارو ڪردار ادا ڪندي اسان جو ساٿ ڏين جيئن انهن ڪالا باغ ڊيم خلاف پاڻ ملهايو هو، جسم اڳواڻ غفار ميرجت جي اڳواڻي ۾ نصير آباد کان انڊس هاءِ وي بند ڪري ڌرڻو هنيو ويو، حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ اڳواڻن پنهل جمالي، ايڊووڪيٽ عامر عمراڻي، باغي ڪالرو، جساف مرڪزي صدر ثقلين سنڌي، جساف مرڪزي اڳواڻ حيدر چولياڻي ۽ جسم ضلعي حيدرآباد اڳواڻ ماجد ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ڀان سيد آباد ۾ جسم اڳواڻن اياز سولنگي، نجف سولنگي، صدام لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ افغانين جي نيڪالي لاءِ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ميرپوساڪرو ۾ شير الدين شيخ، مرتضيٰ لاشاري، مير اعجاز سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، شھدادڪوٽ ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن ڪامريڊ حبدار ميرجت جي اڳواڻي ۾  افغاني ڀڄايو، سنڌ بچايو ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. مظاهرن ۽ ڌرڻن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار سبب سنڌ جا اصل وارث روزگار ۽ ڪاروبار لاءِ پريشان آهن جنهن ڪري ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي، مختلف شهرن ۾ پوليس افغانين خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، غيرقانوني ماڻهن کي نيڪالي ڏني وڃي، ڀان سيدآباد ۾ اياز سولنگي ،نجف سولنگي صدام لنڊ باغي منصور مهراڻ ڀنڊ اسلم بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،ٽنڊي الهيار ۾ ڊي او باغي ڪالرو، ضلعي صدر وقار بوزدار,م، نثار مگسي، غلام رسول رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھنيو ويو.اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ بد امني جا ذميورا ڌاريان آھن ته پوءِ سنڌ پوليس ۽ ٻيا ادارا تحرڪ ۾ ڇو نٿا اچن.ھنن چيو ته ٽنڊوالھيار انتظاميه صرف ڏيکاء پئي ڪري ته اسان ڌارين خلاف ڪاروائي پيا ڪيون پر انتظاميه ڌارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاء ڌرتي ڌڻين کي گرفتار پئي ڪري. ٽنڊو محمد خان ۾ جيئي سنڌ محاذ جي  مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري پنهل جمالي، ايوب ڪوريجو، اصغر نوناري، سليم هاليپوٽو، صدام زنگيجو، اعجاز سمون تعلقي صدر وڏيرو مجاهد هاليپوٽو ,  سليمان ٿهيم ,  احسان انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ريلي ڪڍ ي ايوبيه اسٽاپ تي نٽهڻ اس ۾  ڌرڻو هنيو ويو ، ان موقعي تي پنهل جمالي ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت واري 15 ڏينهن جي رهيل مدت واري اليٽيميٽم تي عمل نه ڪيو ويو ته سنڌ جا قومي ڪارڪن عوام اسلام آباد جي ايوانن تائين احتجاج جو دائرو وڌائيندا،ميرپور ماٿيلي ۾ ڪمال مهر، اڪرم متيلو، نظيرشيخ ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ افغاني پٺاڻ منشيات هٿيارن جو ڪاروبار ڪرڻ سان گڏوگڏ دهشتگردي ۾ ملوث آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.