ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ پوليس ۾ مقرر انسپيڪٽر حماس طرفان اسرائيل خلاف جهاد ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ آءِ جي سنڌ کان اجازت گهري ورتي آهي. ايس ايس پي انويسٽيگيشن ٽو سٽي سائوٿ زون ۾ مقرر انسپيڪٽر فياض احمد جانوري آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا کي هڪ خط لکيو آهي. انسپيڪٽر فياض احمد جانوري پنهنجي پگهار جو 10 سيڪڙو حصو به الخدمت فائونڊيشن کي خاص طور تي فلسطين ريليف آپريشن لاءِ ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي. خط ۾ انسپيڪٽر فياض احمد جانوري لکيو آهي ته فلسطين جي آزادي تائين جهاد ۾ شريڪ رهڻ جي اجازت ڏني وڃي.
اسرائيلي پوليس بي بي سي جي ٽيم کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو
والاريل بيت القمدس(م ڊ) فلسطين تي حملي جي ڪوريج ڪندڙ برطانوي نشرياتي اداري ( بي بي سي) جي صحافين کي اسرائيل جي شهر تل ابيب ۾ پوليس طرفان روڪڻ کان پوءِ انهن تي حملو ڪيو ويو ۽ کين بندوق جي زور تي حراست ۾ ورتو ويو. برطانوي نشرياتي اداري مطابق بي بي سي عربي صحافين جي ٽيم هڪ هوٽل ڏانهن وڃي رهي هئي هنن پنهنجي سڃاڻپ برطانوي نشرياتي اداري جي صحافين طور ڪرائي ۽ پوليس کي پنهنجا پريس سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکاريا پر پوليس اهلڪارن سندن فون زمين تي اڇلائي ڇڏيا ۽ سندن ڪنڌن تي ڌڪ هنيا.