اڄ نواز شريف جي راهداري ضمانت درخواست داخل ٿيندي!

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) اڳوڻو وزيراعظم شهباز شريف اسلام ۾ اهم ملاقاتون ڪرڻ کانپوءِ لاهور پهتو ته جاتي امرا کان مريم   نواز اسلام آباد پهچي وئي آهي. نامياري صحافي عمران وسيم جو چوڻ آهي ته اڄ نواز شريف جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ راهداري ضمانت لاءِ درخواست داخل ٿيڻ جو امڪان آهي. شايد ان لاءِ مريم نواز اسلام آباد پهتي آهي. امڪان آهي ته هوءَ قانوني ٽيم سان اهم صلاح مشورا ڪندي. اهو به  امڪان آهي ته صحافين، اينڪرن ۽ ڪجهه اهم شخصيتن سان به مريم نواز اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتون ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.