سيوهڻ (رپورٽ: خالد ميمڻ) سيوھڻ ۾ سنڌ عوامي سٿ جي طرفان ناليواري اديب ۽ شاعر مھر ڊٻائي ۽ لعل شهباز ٽرسٽ سيوھڻ جي چيئرمين اڪبر ملاح جي اڳواڻي ۾ افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ” گو افغاني گو“ جي عنوان تحت ريلي ڪڍي وئي، ريلي کي مھر ڊٻائي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان وفاقي جي افغانين سميت پرڏيھين جي نيڪالي ڏيڻ واري اعلان جي آجيان ڪيون ٿا پر سرڪار کي پرڏيھين کي نيڪالي ڏيڻ واري پاليسي واضح رکڻ گھرجي، خبر ناهي ته جن افغانين 35 سالن کان ھتي جا شناختي ڪارڊ ٺھرائي ڇڏيا آهن ۽ جيڪي مسلح ماڻهن کي ترسائي اربين کربي روپين جا ڪاروبار ھتي ھلائي رھيا آهن انھن بابت سرڪار ڪھڙي پاليسي جوڙي آهي؟. ھنن چيو ته ڌارين خاص ڪري افغانين سنڌ اندر ڪلاشنڪوف ۽ منشيات ڪلچر ڏياري اسان جي سماج کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اسان ريلين ڪڍي جھر جھنگ اھو پيغام ڏئي رهيا آهيون ته اٿو پنهنجي نسلن کي بچايو ايئن نه ٿئي ته جيڪو اڄ اسرائيل فلسطين جي ٻچن سان حشر ڪري رھيو آهي اھو سڀاڻي اسان سان نه ٿئي. اسان قلندر جي نگري مان مطالبو ڪيون ٿا ته اسان کي افغاني نه کپن ان ڪري رياست کين پرامن نموني ملڪ کان ٻاهر ڪڍي ٻي صورت ۾ حالتن جي ذميواري وفاقي توڙي صوبائي حڪومت تي ھوندي.