واشنگٽن ( م ڊ ) سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بڪ غزا ۾ اسرائيلي ظلمن کي ڏيکاريندڙ پيجز کي بلاڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.اسرائيل پاران غزا تي وحشياڻي بمباري جاري آهي ۽ هن وقت تائين هزارين ٽن بارود غزا تي اڇلايو ويو آهي، اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ لڳ ڀڳ 2 هزار ٿي ويو آهي، اسرائيلي جهازن غزا مان لڏپلاڻ ڪندڙ فلسطينين کي به نشانو بڻايو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 70 فلسطيني شهيد ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن. هوڏانهن فيس بڪ غزا ۾ اسرائيلي ظلمن کي ڏيکاريندڙ پيجز کي بلاڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، غزا سميت فلسطين جون خبرون ڏيندڙ نيوز ايجنسي قدس نيوز نيٽورڪ جي فيس بڪ پيج کي بند ڪيو ويو آهي، قدس نيوز نيٽورڪ پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تان ميٽا طرفان فيس بڪ پيج بند ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي ۽ فيس بڪ جي قدمن جي مذمت ڪئي آهي.