واشنگٽن/لنڊن(م ڊ) فلسطين سان اظهار يڪجهتي ۽ غزا تي اسرائيلي حملن خلاف احتجاج لاءِ نيويارڪ شهر ۾ هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا. فرانسيسي خابرو اداري مطابق نيويارڪ شهر ۾ هزارين ماڻهن گڏجي اسرائيلي قبضي جي خاتمي ۽ فلسطيني علائقن جي آزادي جو مطالبو ڪندي ٽائمز اسڪوائر سان اسرائيل جي قونصليٽ جنرل تائين مارچ ڪيو،هوڏانهن وچ لنڊن ۾ بي بي سي جي براڊڪاسٽنگ هائوس آڏو فلسطينين جي حق ۾ ريلي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، ريلي ۾ ”آزاد فلسطين“ جا نعرا هنيا ويا، ريلي ۾ ڪجهه ماڻهن جي هٿن ۾ بينر کنيل هئا جن تي لکيل هو ته ” اسرائيل کي هٿياربند ڪرڻ بند ڪريو“