رياض(م ڊ) قطر ۽ سعودي عرب غزه مان فلسطيني عوام جي جبري بي دخلي جي اسرائيلي مطالبي کي رد ۽ هٿين خالي شهرين تي مسلسل حملن جي مذمت ڪئي آهي. العربيه مطابق سعودي پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته هو شهرين خلاف هر طرح جي عسڪري تشدد کي بند ڪرائڻ، انساني الميه پيدا ٿيڻ کان روڪڻ ۽ غزه جي شهرين کي دوائن ۽ امدادي سامان فراهم ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻي. قطر چيو ته عالمي انساني قانون، عالمي روايتن ۽ ضابطن جي پابندي ڪئي وڃي.