حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ قومي محاذ پاران حيدرآباد ۾ اڄ 15 آڪٽوبر تي افغانين سميت سمورين غير قانوني تي سنڌ ۾ ترسيل ڌارين جي نيڪالي جي لاءِ پيادل مارچ ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو. جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آھي ته سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، اچو ته 15 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ گڏ ٿي افغانين سميت سمورن غير قانوني ڌارين جي ڏيھ واپسي جي گُھر ڪريون هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ بک، بدحالي، لاقانونيت جو راڄ آهي، هوڏانهنجسقم چيئرمين صنعان خان قريشي منشي فيملي وٽ حيدرآباد شهر پهچي ويو، سينئر صحافي،ايڊووڪيٽ عبدالوهاب منشي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي آجيان ڪئي ۽ کيس اجرڪ پارائي آجياڻو ڏنو،ان موقعي تي ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو، اشرف ڪلھوڙو، سهيل ڀٽو، ايڊووڪيٽ رميش گپتا، پرويز قريشي، علي بخش ڪابورو ۽ ٻيا موجود هئا